پاڪستانسنڌ

لنڊو ۾ ڏيٿن جي گهرن تي مبينا ٻيهر حملا، تشدد، انصاف لا احتجاج

شھدادپور: لنڊو شهر ۾ پلاند ۾ اغوا ڪيل ٻن ٻارڙين سميت 6 عورتون بازياب نه ٿي سگهيون. ڏيٿن جي گهرن تي ٻيهر حملا ڪري مبينا طور عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو ويو. پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر 6 ئي عورتن کي بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ شھدادپور لڳ لنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀورو مڱريو ۾ مڱرين جي نوجوان ڇوڪري لاڏ خاتون مڱريو پاران پيار جي پرڻي لا نوجوان رياض ڏيٿو سان گهران نڪرڻ بعد گذريل ڏينهن هٿياربندن هٿان پلاند ۾ اغوا ڪيل 14 سالن جي رابيل، 12 سالن جي گل مينا، 18 سالن جي ناھيد، 16 سالن جي ڪلثوم، مقبول زادي ۽ رحيمان کي پوليس اڃان تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. گذريل ڏينهن مڱريا ڌر جي ماڻهن ڏيٿن جي گهرن تي ٻيهر حملو ڪري موٽي آيل عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪيو ۽ کين ڊوڙائي ڪڍي ڇڏيو. جڏهن ته پوليس اغوا ڪيل ٻن ٻارڙين سميت 6 ئي عورتن کي گذريل جمعي ڏينهن تي بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪئي هئي. ان سلسلي ۾ ڏيٿا برادري جي عورتن، مردن ۽ ٻارن زرينه، زينت، گلناز، امتياز ڏيٿو ۽ اعجاز ڏيٿو جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته هٿياربند اسان جي گهرن تي حملا ڪري 6 نياڻين کي اغوا ڪري ويا آهن، پر پوليس نياڻين کي بازياب نٿي ڪرائي، ڪالهه ٻيهر هٿياربندن گهرن تي حملا ڪري تشدد ڪيو ۽ گهرن مان ڪڍي ڇڏيو. هنن گهر ڪئي ته نياڻين کي بازياب ڪرائي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف لنڊو پوليس ٻڌايو ته ڏيٿا برادري جون 6 ئي عورتون مڱرين کان واپس ڪرائي ڏيٿن حوالي ڪيون ويون آھن، ڏيٿا برادري تي ٻيھر حملو ناھي ٿيو. مڱريا ۽ ڏيٿا ڌر ۾ هلندڙ مسئلو جلد حل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button