پاڪستانسنڌ

ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ جي سنڌ مان مڪمل تڏاويڙهه ڪنداسين: ارباب رحيم

ڊگھڙي: وزيراعظم پاڪستان جي خاص صلاحڪار ارباب غلام رحيم پاڪستان تحريڪ انصاف پاران ڊگھڙي شھر جي مقامي هال ۾ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ مخالف پارٽين سان گڏجي پ پ جي سنڌ مان مڪمل تڏا ويڙھه ڪنداسين، سنڌ کي تمام گھڻي عرصي کان پ پ سرڪار لٽ مار ۽ ڪرپشن ڪري تباھي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آھي. سنڌ جون سموريون شوگر ملون زرداري مافيا جون آھن.

جيڪي کنڊ لڪائي وڌيڪ اگھه تي وڪرو ڪري کربين روپيا سنڌ جا لٽين پيا، گذريل 13 سالن کان سنڌي عوام کي پيپلزپارٽي لٽي رھي آھي،وزيراعظم عمران صابڻ تي تصويرون لڳائڻ بجائي ضرورت مند ۽ مستحق ماڻھن جي اڪائونٽ ۾ پيسا موڪلي ٿو، ھاري ڪارڊ ۽ صحت ڪارڊ نوجوانن لا آسان شرطن تي قرض ۽ احساس ڪفالت پروگرام تحت عوام جي خدمت ڪري رھيو آھي.

ارباب غلام رحيم چيو ته منھنجو ڪم سنڌ ۾ وفاقي ادارن جي ڪم کي بھتر بڻائڻ آھي، جنھن تحت کوکراپار تائين ريلوي ٽرين ھلائي عوام کي سھولت ڏني. جلسي ۾ پي ٽي آئي جي ضلعي قيادت سيد ممتاز علي شاھه، آفتاب قريشي، اعجاز رنڌاوا، فيصل خان زئي، ارباب انور، ارباب عنايت الله، احسان جروار، دلبر رمداڻ ۽ ٻيا موجود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button