پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڪرونا سبب وڌيڪ هڪ مريض فوت، انگ 7620 ٿي ويو

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ مريض فوت ٿيو، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 7620 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 15995 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 279 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ مريض پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 7620 ٿي ويو آهي. جيڪو فوتين جي شرح جو 1 ڏهائي 6 سيڪڙو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته 15995 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان 279 ڪيس ظاهر ٿيا. جيڪا 1 ڏهائي 7 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 6702890 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جن مان 474029 ڪيسن جي تشخيص ٿي آهي. انهن مان 97 سيڪڙو يعني 460178 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 42 مريض پڻ شامل آهن.

وڏي وزير چيو ته هن وقت 6231 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 6015 گهرن ۾، 14 آئسوليشن سينٽرن ۽ 202 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 197 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن مان 16 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button