پاڪستانسنڌ

وزيراعظم صاحب ياد رکو سنڌ خلاف سازش پاڪستان خلاف سازش آهي: منظور وساڻ

ڪراچي: صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته عمران خان سياسي سازش تحت سنڌ حڪومت تي بي بنياد الزام لڳائيندو آهي، حقيقت اها آهي ته هنن کي سنڌ فوبيا آهي، وزيراعظم صاحب ياد رکو سنڌ خلاف سازش پاڪستان خلاف سازش آهي. نالائق پي ٽي آئي حڪومت پنهنجين ناڪامين جو ملبو هميشه سنڌ حڪومت تي ڪيرائيندي رهي آهي، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، ملڪ کي مھانگائستان بڻائڻ وارا سنڌ حڪومت کي پيا چون ته منافعي خورن ۽ زخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪريو، ڇا ملڪ ۾ پ پ جي حڪومت آھي؟

زراعت واري صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ وزيراعطم جي سنڌ ۾ مداخلت واري بيان تي ردعمل ۾ وڌيڪ سوال ڪندي چيو ته وزيراعظم صاحب زهر افشاني بند ڪيو، بني گالا ۾ پناهه وٺي ويهندڙ مافياز خلاف ڪارروائي ڪيو، ڇا ملڪ ۾ مهانگائي، منافعي خوري، ذخيرو ڪندڙن ۽ بيروزگاري جي ذميوار سنڌ آهي؟ ڇا کنڊ چور، ماسڪ چور، دوائون چور سنڌ حڪومت آهي، جواب ڏيو الزام نه لڳايو، ڇا آئي ايم ايف کان قرض، گيس ۽ بجلي مهانگي سنڌ ڪئي آهي، جيڪڏهن نه ته پوءِ مهانگائي جي ذميوار سنڌ حڪومت ڪيئن آهي؟ منظور وساڻ چيو ته وزيراعظم صاحب جيڪو ڊي اي پي ڀاڻ 4 هزار روپين جو هو اهو هاڻي غريب هارين کي اوهان جي حڪومت ۾ 9 کان 10 هزار جو پيو ملي، عمران صاحب عوام کي بيوقوف بڻائڻ بند ڪيو، ماڻهو اوهان کي چڱي طرح ڄاڻي چڪا آهن.

هن وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته هارين ۽ آبادگارن کي روئارڻ وارو چوي پيو ته پهريون ڀيرو آبادگار دوست پاليسيون ڏنيون آهن، وزيراعظم صاحب ڇا قوم کي ٻڌائيندو ته اهي ڪهڙيون آبادگار دوست پاليسيون آهن، جن جو اوھان بار بار ذڪر پيا ڪريو؟ صوبائي صلاحڪار چيو ته جيڪڏهن حڪومت وٽ 6 ڏهائي 6 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو اسٽاڪ موجود آهي ته پوءِ خراب ڪڻڪ ٻاهران ڇو پئي گهرائي وڃي؟ سنڌ حڪومت روزانو بنياد تي زرعي ڀاڻ مهانگو ۽ زخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ڪري پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button