راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان کي پيش ايندڙ چئلينجز هڪ جامع قومي رد عمل جي گهرج ڪندا آهن. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ اٺين نيشنل ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ معاشري جي مختلف شعبن ۽ طبقن سان لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي. ملاقات پهرين کان 27 نومبر تائين ڪوئيٽا ۾ منعقد ٿيندڙ ورڪشاپ جو حصو آهي. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته محنت سان حاصل ڪيل امن جي هر قيمت تي حفاظت ڪئي ويندي. بلوچستان جي عوام طرفان سيڪيورٽي فورسز جي پرعزم حمايت جي نتيجي ۾ صوبي ۾ استحڪام، سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي منصوبن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ دشمن طاقتن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ويندو. اسان پنهنجي سرحدن جي حفاظت کي يقيني بنائينداسين جيڪو ملڪ جي ترقي لاءِ تمام ضروري آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close