اسلام آبادپاڪستانپنجاب

مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي درخواست رد

اسلام آباد: اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف بيانن تي مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي درخواست رد ڪئي وئي آهي. اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف بيان ڏيڻ تي ن ليگ نائب صدر مريم نواز ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس درخواست کي شنوائي جوڳو قرار نه ڏيندي رد ڪري ڇڏيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته اڳوڻي چيف جسٽس تي انفرادي حيثيت ۾ تنقيد ڪئي وئي، اهو توهين عدالت جو ڏوهه ناهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت هڪ فيصلي ۾ چئي چڪي آهي ته جج قانون کان مٿانهان نه ۽ جوابدار آهن، توهين عدالت جي اختيار جو استعمال رڳو ان وقت ئي جائز آهي، جڏهن اهو عوامي مفاد ۾ هجي. .

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button