عالمي

روس ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر ڌماڪو، 52 ڄڻا اجل جو شڪار

ماسڪو: روس ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي سبب 52 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. فوت ٿي ويلن ۾ 46 ڄڻا کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ۽ 6 ريسڪيو اهلڪار آهن. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب سائيبيريا ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو آهي جنهن سبب ڪوئلي جي کاڻ ويهي رهي جنهن ۾ 90 ڄڻا دٻجي ويا. ريسڪيو ادارن امدادي ڪمن جي شروعات ڪندي کاڻ مان 38 مزدورن کي حفاظت سان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي 6 جي حالت نازڪ هجڻ سبب فوتگين ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ريسڪيو ٽيم جي سربراهه ٻڌايو ته فرض انجام ڏيڻ دوران 6 امدادي ڪارڪن به فوت ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button