پاڪستانپنجاب

عليم خان جو پنجاب جي صوبائي وزارت تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد: سينئر وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته ٽي وي چينل جي ملڪيت کان پوءِ پنجاب جي سينيئر وزير جي عهدي ۽ غير جانبداري کي برقرار رکڻ مشڪل هوندو. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي سينئر وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عبدالعليم خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزارت تان استعيفيٰ ڏيڻ سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عليم خان چيو ته وزيراعظم عمران خان سان اڄ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪاروباري غيرجانبداري قائم رکڻ جي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر حڪومتي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي درخواست ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button