پاڪستانسنڌ

ڪوٽ غلام محمد ۾ سرداري نظام ۽ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي

ڪوٽ غلام محمد: سنڌ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، ڌاري آبادڪاري ۽ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سميت انسان دشمن قبيلائي سرداري نظام خلاف سنڌي هاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ بينر ۽ پارٽي جا جهنڊا کڻي انٽري گيٽ کان پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد تائين سنڌ هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، ضلعي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر نورمحمد خاصخيلي، عوامي تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ برڪت شر، مولابخش نونداڻي ۽ ساجن ڪمار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري حڪومت خلاف شديد نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هڪ رٿابندي تحت سنڌ ۾ وڏيرن، سردارن، ميرن، پيرن ۽ گادي نشينن کي مچائي مواڙ ڪري انسان دشمن قبائلي نظام مڙهيو ويو آهي، جيڪو نظام بيگناهه ماڻهن جون جانيون ڳڙڪائي رهيو آهي. انتهائي حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون موجود هجڻ باوجود سنڌ ايپيڪس ڪميٽي فيصلو ٿي ڪري ته سردار ڀلي جرڳا ڪن. عدالتون ڪيترائي ڀيرا جرڳن تي پابندي جا فيصلا ڏئي چڪيون آهن، ان باوجود سردار ۽ پوليس انتظاميا عدالتن جي فيصلن جي سنگين توهين ڪندي جرڳا ڪن ٿا. جيڪڏهن سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني هجي ها ته سردار ۽ وڏيرا ناظم جوکيو، فهميدا سيال، عيني بلوچ ۽ تانيا خاصخيلي سميت ٻين معصوم ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهن ها. پوليس جهڙو ادارو مڪمل طور تي جرڳا ڪندڙ سردارن جي ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪري ٿو، سر عام ماڻهن کي اغوا ڪرڻ، ڌاڙن، منشيات فروشي ۽ ڪاروڪاري سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ پوليس جا اعلى آفيسر ملوث هجن ٿا. اڳواڻن گهر ڪئي ته چيف جسٽس تعليمي ادارن ۾ شهيد ٿيندڙ سنڌ جي تعليم يافته نياڻين ۽ ناظم جوکيو جهڙن سوين ماڻهن کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ واري عمل جو نوٽيس وٺي ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button