شھدادپور: شھدادپور ۾ فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ ساماڻو خان ڏاهري، فداحسين عمراڻي، عبدالرحمان ڏاهري، اشفاق احمد عمراڻي، اسدالله ڏاهري، عرفان عمراڻي، امجد علي ۽ ٻين ڪارڪنن لطيف گيٽ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي اليڪشن ڪمشنر سانگهڙ، مختيارڪار شھدادپور جي ناجائزين ۽ حڪمران جماعت جي بااثرن خلاف احتجاج ڪيو. هنن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران هلندڙ ووٽر لسٽن جي تصديق واري مرحلي ۾ مختيارڪار شھدادپور حڪمران جماعت جي مخالفن کي غلط ۽ ڪوڙو نقشو ٺاهي ڏنو آھي، ڪوڙي نقشي جي آڌار تي اليڪشن ڪمشنر سانگھڙ سياسي ونگار وھندي تعلقي شھدادپور جي ديهھ حاجي آگيڏنو جي قديمي ڳوٺ بچل ڏاھري جي سمورن ووٽرن کي پنهنجي اصل بلاڪ ڪوڊ 389010410 مان ڪڍي ٻين بلاڪ ڪوڊن ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آھي، جنهن سان اسان جي اصل حيثيت تبديل ٿي آھي. هنن چيو ته اسان اهڙيون دانهون اليڪشن ڪمشنر، مختيارڪار شھدادپور ۽ لاڳاپيل عملدارن اڳيان ڪيون آھن، پر اسان جي ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي. هنن چيف اليڪشن ڪمشنر کان گهر ڪئي ته اسان جي قديم ڳوٺ بچل ڏاهري جي ووٽرن جي بلاڪ ڪوڊ تبديل ڪرڻ واري عمل جو نوٽيس وٺي انصاف ڪري اليڪشن ڪمشنر سانگهڙ، مختيارڪار شھدادپور کي معطل ڪري کين سخت سزا ڏئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close