انگلينڊ جي ٽيم ايشز جي پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ مهمان ڪينگروز کي سخت مقابلي بعد 49 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 2- 2 تان برابر ڪري ورتي، ڪيريئر جو الوداعي ٽيسٽ کيڏندڙ فاسٽ بالر اسٽيوئرٽ براڊ آسٽريليا جي آخري وڪيٽ ڪيرائي کين ايشز کٽڻ کان روڪي ورتو ۽ پنهنجي شاندار ڪرڪيٽ سفر جي 604 وڪيٽن سان هڪ يادگار موڙ تي پڄاڻي ڪئي. اوول جي ميدان تي انگلينڊ ٽيم پنجون ۽ آخري ٽيسٽ کٽڻ لا آسٽريليا کي ٻي اننگز ۾ 384 رنسن جو وڏو ٽارگيٽ ڏنو، جنهن جي جواب ۾ ڪينگرو ٽيم 334 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ڊيوڊ وارنر 60، عثمان خواجا 72، اسٽيون سمٿ 54، ٽريوس هيڊ 43 ۽ ايلڪس ڪيري 28 رنسن جي اننگز سان جبل چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيا. انگلينڊ جي بالنگ اٽيڪ مان ٻي اننگز ۾ ڪرس ووڪس 4 وڪيٽون، معين علي 3، اسٽوئرٽ براڊ 2 ۽ مارڪ ووڊ هڪ شڪار ڪيو. 5 مئچن تي ٻڌل ايشز سيريز ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ ٻنهي 2-2 ڪاميابيون حاصل ڪيون، جڏهن ته هڪ مئچ بنا نتيجي ختم ٿي هئي. آسٽريليا جي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close