سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

جانورن کي زلزلي جي تباهين جي اڳواٽ خبر پوي ٿي: نئين تحقيق

سائنسدانن ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي تھ جانورن کي زلزلي جي تباهين جي اڳواٽ ئي خبر پئجي ويندي آهي ۽ اهي هڪدم محفوظ علائقن ڏي هليا ويندا آهن. جرمني جي مارڪس پلانڪس انسٽيٽيوٽ آف اينيمل بيحيويئر جي ٽيم مارٽن وڪسل سڪي جي سربراهي ۾ لاڳيتو 5 سال ان معاملي تي تحقيق ڪندي گذاريو، جنهن دوران

سائنسدانن جي ٽيم تحقيق ۾ مصروف آهي

ڳئون، رڍن ۽ مينهن، ڪتن ۽ پکين کي هڪ فارم هائوس ۾ بند ڪري انهن جي روين ۽ زلزلي وقت انهن ۾ پيدا ٿيندڙ تبديلين تي تحقيق ڪئي وئي. تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ انهن 5 سالن دوران ڪيترائي زلزلا آيا، جن جي شدت 4 کان 5 رهي، پر زلزلن کان انهن جانورن ۾ حيران ڪندڙ حد تائين تبديليون ڏٺيون ويون،

هڪ پکي کي چپ ٻڌي آگاهي ورتي پئي وڃي

انهن مان اڪثر جانورن کي 20 ڪلاڪ اڳ زلزلي اچڻ جي آگاهي ملي پئي ۽ انهن حفاظتي قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جن مان اڪثر کي 45 منٽ اڳ حفاظتي تدبيرون اختيار ڪندي بھ ڏٺو ويو آهي. هوڏانهن 2004ع ۾ آيل انڊونيشيا واري سونامي ۾ پڻ اها ڳالهه سامهون آئي تھ هاٿي، ٻڪريون توڙي ٻيا جانور 9 ڏهائي هڪ جي شدت واري تباهي آڻيندڙ زلزلي کان اڳ الرٽ ٿي ويا ۽ انهن پاڻ کي محفوظ بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button