غير درجه بندي

اوڌر تي هلندڙ معيشت

Editorial

نواز ليگ واري دور ۾ ملڪي معيشت کي ڪمزور سمجهندڙ پي ٽي آ حڪومت نه رڳو پنهنجي حڪومت ۾ معيشت کي بحال نه ڪري سگهي پر ان جي پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ ايتري ته مهانگائي ٿي آهي جو عوام جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ هر ماڻهو هاڻوڪي حڪومت کان پناهه پيو گهري. تازو ئي آ ايم ايف سان معاملا طئي ٿيڻ کان پو جيڪو معاشي بار عوام تي وڌو ويندو، ان جو اثر ايندڙ وقت ۾ جلدي محسوس ٿيندو. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آ حڪومت ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ بدران ٻين ملڪن ۽ ادارن تي ڀاڙڻ شروع ڪري ڏنو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو معيشت بهتر نه ٿي رهي آهي پر حالت اها آهي جو هاڻ حڪومت تيل به اوڌر تي وٺي رهي آهي. آ ايم ايف سان جيڪي شرطون طئي ڪيون ويون آهن، انهن موجب عوام لا ٽيڪس جي مد ۾ گهڻي کان گهڻي ڇوٽ ختم ڪئي ويندي. هڪ ڀيرو وري تيل بحران کي منهن ڏيڻ حڪومت سعودي عرب کان تيل اوڌر تي گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب وفاقي ڪابينا سعودي عرب کان ملندڙ 3 ارب ڊالر ۽ هڪ ڏهائي 2 ارب ڊالرن جي اوڌر تي تيل خريداري جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا کي اڪنامڪ ڊويزن طرفان سرڪيوليشن سمري موڪلي وئي هئي، جنهن جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي. معاهدي جي متن موجب سعودي عرب پاڪستان کي هر مهيني 100 ملين ڊالرن جو تيل اوڌر تي ڏيندو ۽ پاڪستان کي تيل جي ادائيگي سان گڏ 3 ڏهائي 3 سيڪڙو مارجن به ادا ڪرڻو پوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته معاهدو شروعاتي طور تي هڪ سال لاءِ آهي، جنهن کانپوءِ ان ۾ واڌ به ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته ناڻي واري وزارت، اسٽيٽ بينڪ ۽ ايف بي آر پاڪ – سعودي معاهدي جي ڊرافٽ تي اتفاق ڪيو آهي. ذريعن موجب اوڌر تي تيل ڏيڻ جو وعدو وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب دوري دوران ٿيو هو، جتي سعودي ولي عهد پاڪستان کي هڪ سال لاءِ تيل اوڌر تي ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان جي تازي سعودي عرب جي دوري کانپوءِ سڌ سما واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو هو ته سعودي عرب پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالرن جي سپورٽ فنڊ جو اعلان ڪيو آهي، اها رقم ترقي لاءِ سعودي فنڊ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ جمع ڪرائيندو. فواد چوڌري چيو هو ته سعودي عرب هڪ سال دوران ريفائنڊ پيٽروليم شين جي مد ۾ هڪ ڏهائي 2 ارب ڊالرن جي فنانسنگ به فراهم ڪندو.
في الحال ته پاڪستان ۾ جيڪا صورتحال آهي، ان ۾ تيل جي ضرورت آهي پر ڇا ايندڙ وقت ۾ پاڪستان جي معيشت ايتري بهتر ٿي ويندي جو اهو سعودي عرب کي اوڌر تي ورتل تيل جا پئسا واپس ڪري ڇڏيندو. ڪجهه ڏينهن اڳ ئي وزير اعظم عمران خان اهو چئي چڪو آهي ته ملڪ هلائڻ لا پئسا ڪونه آهن. جڏهن ملڪي معاشي پاليسين کي ڏسجي ٿو ته ائين لڳي ٿو ته معيشت بهتر ڪرڻ لا حڪومت وٽ ڪو اهڙو پروگرام ئي ناهي، جڏهن سڄي حڪومت رڳو آ ايم ايف تي ڀاڙي رهي آهي، ان کان قرض وٺي ملڪ جي هر ماڻهو کي قرضي ڪري رهي آهي ته پو ملڪي معيشت آخر ڇو بهتر ٿيندي ۽ ڪهڙي ريت عوام تان قرض لهي سگهندو. ان کان اڳ ۾ خزاني وارو صلاحڪار شوڪت ترين چئي چڪو آهي ته عمران خان آ ايم ايف وٽ نه ويندو ۽ هو ان جي آڏو اچي بيهي رهيو آهي. پر وري به حڪومت کي آ ايم ايف آڏو هٿ ٽنگڻا پيا، جنهن مان اهو ٿو لڳي ته هاڻوڪي حڪومت اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته اها پنهنجو پاڻ ڪجهه ڪرڻ لا تيار ناهي.
اهڙي ريت هاڻ جڏهن سعودي عرب کان اوڌر تي تيل ورتو پيو وڃي ته ان جو مطلب اهو ئي آهي عوام کي وري به سستو تيل نه ملي سگهندو. عالمي منڊي ۾ تيل ڏينهون ڏينهن سستو ٿي رهيو آهي ۽ حڪومت عوام کي مهانگو تيل وڪڻي رهي آهي. ڇا حڪومت اهو طئي ڪري ورتو آهي ته هن ملڪ جي سڄي معيشت اوڌر تي ئي هلائي ويندي ۽ ڪوبه اهڙو لائحه عمل نه جوڙيو ويندو، جنهن سان اڳيان هلي ملڪي معيشت پاڻڀري ٿي سگهي.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت پاران ڪيل هي فيصلو وقتي طور ته ٺيڪ آهي پر اڳيان هلي ان جا نتيجا عوامي سطح تي بهتر نه نڪرندا. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪي معيشت کي بهتر ڪيو وڃي. ملڪ مان نڪرندڙ تيل جو ملڪي سطح تي استعمال ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button