غير درجه بندي

ميرپورخاص ۾ پوليس جي ڪارروائي، 2 ڄڻا گرفتار، سوپارين جا 64 ڪٽا هٿ

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ٽائون پوليس پاران ميرپورخاص جي مک ڪاروباري مرڪز پوسٽ آفيس چوڪ وٽ ڳجھي اطلاع تي مزدا کي روڪي چيڪنگ دوران نان ڪسٽم سوپارين جا 64 ڪٽا ھٿ ڪرڻ جي دعوى ڪندي ٻه جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن. ايس ايڇ او ذيشان لغاري ٻڌايو ته اطلاع تي ڪارروائي ڪري پابندي مڙھيل سوپارين جا 64 ڪٽا ھٿ ڪيا، جنھن  جي ماليت 30 لک رپيا آھي ۽ ٻن جوابدارن ميرپورخاص جي رهواسي ذيشان آرائين ۽  قاسم آباد حيدرآباد جي رهواسي ثنا الله جوڻيجو کي گرفتار مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button