عالميغير درجه بندي

دنيا ۾ ”فلورونا“ جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو

تل ابيب: ڪرونا جي وڌندڙ تباهي دوران دنيا ۾ پهريون ڀيرو انساني جسم تي حملو ڪندڙ ڪرونا ۽ فلو وائرس جو گڏيل ڪيس سامهون آيو آهي. هن ڪورونا ۽ انفلوئنزا جي ٻٽي انفيڪشن کي “فلورونا” سڏيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن نئين انفيڪشن ۾ مبتلا مريض ۾ ڪرونا ۽ انفلوئنزا ٻئي وائرس مليا آهن. آسان لفظ ۾ هي هڪ ئي مريض ۾ ڪورونا ۽ فلو يعني زڪام جي ٻٽي انفيڪشن جو معاملو آهي، ڪرونا ۽ فلو جي هن ٻٽي انفيڪشن کي “فلورونا” سڏيو ويندو آهي، معنيٰ هڪ ئي وقت فلو +ڪرونا جو ٻٽو انفيڪشن فلورونا آهي. دنيا جو پهريون فلورونا ڪيس ڪجهه وقت اڳ اسرائيل ۾ سامهون آيو، عزب نيوز موجب فلورونا جو پهريون ڪيس ڳورهاري عورت ۾ مليو، جنهن رابن ميڊيڪل سينٽر ۾ٻار کي جنم ڏنو هو. اسرائيلي اخبار yedioth Ahronoth موجب جنهن عورت ۾ فلورونا ڪيس سامهون آيو، ان کي ويڪسين نه لڳي هئي. سڀ کان پهرين ڄاڻڻ گهرجي ته فلورونا ڪرونا جو ڪو نئون ويرينٽ ناهي، هي هڪ ئي وقت ۾ فلو ۽ ڪرونا سان ٿيندڙ ٻٽو انفڪيشن آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button