غير درجه بندي

مسوڀرڳڙي لڳ ها وي تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

مسوڀرڳڙي (ن، سنڌ ايڪسپريس) مسوڀرڳڙي لڳ ڇلگري ٿاڻي جي حد نيشنل ها وي تي الوحيد پيٽرول پمپ سامھون تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل سوار 19 سالن جي طارق حسين مري کي زوردار ٽڪر ھنيو، ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان مسوڀرڳڙي لڳ ڳوٺ رئيس علي غلام مري جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. جڏهن ته ڇلگري پوليس ڊرائيور نواب خان کي گرفتار ڪري ٽرالر کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button