غير درجه بندي

ٽنڊوڄام پوليس کنڀيل نوجوان کي ظاهر نه ڪيو، قتل جو خدشو

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) ٽنڊوڄام مان پوليس نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، 2 ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوان جي گرفتاري ظاهر نه ٿيڻ تي وارثن منصور ناريجو ۽ ٻين ڪوڙو مقابلو ڏيکاري نوجوان کي نقصان پهچائڻ جو خدشو ڏيکاري ڇڏيو. نوجوان جي وارثن منصور ناريجو ۽ ٻين موجب، ٽنڊو ڄام لڳ ڪليري ڦاٽڪ وٽان 22 سيپٽمبر 2021ع تي پوليس اهلڪارن نوجوان سهراب ناريجو کي 2 مڻ کير ۽ 2 لک 37 هزار روپين سميت کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن ٻڌايو ته ته نوجوان معمول موجب کير ڏيڻ وڃي رهيو هو، جنهن دوران نوجوان وٽ مينهن جو چارو وٺڻ کانپو دڪاندار کي 2 لک 37 هزار رپيا کڻي ڏيڻ وڃي رهيو هو ته ڪليري ڦاٽڪ وٽان نوجوان کي کنڀيو ويو آهي، جيڪو اڃا تائين ظاهر ناهي ٿيو. هنن خدشو ڏيکاريو ته پوليس اسان جي نوجوان کي نقصان پهچائيندي. وارثن آ جي سنڌ، ڊي آ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button