پاڪستانسنڌغير درجه بندي

ڳيريلي ۾ پيرسن جو پنهنجي پٽن سميت نافرمان پٽ خلاف احتجاج

ڳيريلي ويجهو ڳوٺ محبوب بروهي واسي پيرسن حاجي پيربخش بروهي پنهنجي پٽن ناصر علي، اعجاز، شاهد، سڪندر بروهي سان گڏجي ڳيريلو پريس ڪلب اڳيان وڏي پٽ رسول بخش بروهي خلاف احتجاج ڪيو. هن دانهيندي چيو ته نافرمان پٽ رسول بخش بروهي منهنجي سموري ملڪيت 25 ايڪڙ زمين، شهر ۾ 5 دڪان، حبيب بئنڪ جي بلڊنگ ۽ هوٽل، ڳوٺ محراب سنديلو ۾ 7 دڪان ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪروڙن جي ملڪيت تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. ملڪيت مان ٻين چئن ڀائرن ۽ چئن ڀينرن کي به پنهنجو حصو ڏيڻ لا تيار ناهي. سندس ڪردار بهتر نه هئڻ ڪري کيس ڳوٺ نيڪالي پڻ مليل آهي. هن آ جي سنڌ، ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نافرمان پٽ خلاف ڪارروائي ڪري ملڪيت ڏياري وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button