غير درجه بندي

سنڌ ۾ وڌندڙ اغوائن جون وارداتون

Editorial

پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جتي حڪومت هوندي اها نظر ڪانه ايندي آهي، قانون هوندي اهو لاڳو ڪونه ٿيندو آهي، تحفظ جو احساس رڳو احساس ئي آهي پر ان جي عملي صورت نظر ناهي ايندي، جنهن جي نتيجي ۾ لاقانونيت، خوف ۽ غيريقيني واري صورتحال هر وقت موجود رهي ٿي. پر عوام حڪومتي نمائندن کي ان ڪري چونڊي ايوانن ۾ موڪليندو آهي ته جيئن اهي عوامي مسئلا حل ڪري سگهن ۽ اهي وعده جيڪي عوام سان ڪيا ويندا آهن، انهن کي پاڙيو وڃي. پر اڄ به عوام ننڌڻڪو آهي. اغوا، ڦرون، ڌاڙا ۽ قتل جو سلسلو جاري آهي. جنهن جي ڪري ماڻهن کي ڪنهن به قسم جو ڪو تحفظ ڪونهي مليل. سنڌ ۾ اغوا ڪندڙ ايترا ته سرگرم آهن جو ڪوبه ضلعو اهڙو ناهي، جتان ماڻهو اغُوا نه ٿيندا هجن. ڪالهه به جيڪي خبرون اخبارن ۾ رپورٽ ٿيون آهن، انهن ۾ ڪيتريون ئي خبرون مغوين جون آهن. جن ۾ ڪٿي انهن جي بازيابي لاءِ مظاهرا پيا ڪيا وڃن ته ڪٿي وري، ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو آهي.
پنوعاقل ۾ ٽن مغوين هدايت الله ڪلهوڙو، شفيق واگهو ۽ سندس ڀا رحيم واگهو جي بازيابي لاءِ شهرين بائجي چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نينگر هدايت الله ڪلھوڙو کي چار ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو هو. ٻه ڀائر شفيق واگھو ۽ رحيم واگھو ٻن مهينن کان ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد آهن. پوليس جي ڪارڪردگي تمام گهڻي مايوس ڪندڙ آهي. پوليس کان وڌيڪ ڏوهاري سجاڳ ٿي ويا آهن. ائين ٿو لڳي ڄڻ پوليس جي رٽ مڪمل طور تي ختم ٿي وئي آهي. شهر جا لکين ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن. مظاهرين مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس کي 3 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پوليس ٽن ڏينهن اندر مغوين کي بازياب نه ڪرايو ته اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت قافلي جي صورت ۾ ڪچي ۾ لهي وينداسين پوءِ جيڪي نتيجا نڪرندا، انهن جي ذميوار پوليس هوندي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ “سنڌ ايڪسپريس” کي ٻڌايو ته مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي چڙهايون ڪيون آهن. مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ مختلف ٽيمون جوڙيون آهن. ڪچي ۾ وسيع حڪمت عملي سان آپريشن ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آھيون. شهر جو امن تباهه ڪندڙ عنصرن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي ويندي. ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ چيو ته مغوين کي تمام جلد باحفاظت بازياب ڪرايو ويندو. جڏهن ته رائونتي ۾ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل مغوي کي ڀنگ ڏئي بازياب ڪرائڻ لا ڪچي ۾ ويل ٻن ڄڻن کي به ڌاڙيلن باندي بڻائي ڇڏيو. ڌاڙيلن مهراڻ ڪار جا ڪاغذ ۽ 2 ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب ڪري ورتي. پنجاب جي ضلعي بهاولپور جي علائقي علي پور جي رهواسي عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪچي پھچڻ کانپوءِ اغوا ٿيل ايوب رند کي ڀنگ ڏئي آزاد ڪرائڻ لاءِ ويل ٻن ڄڻن کي به ڏوھارين باندي بڻائي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ مغوين جي وڊيوز موجب مغوي کي آزاد ڪرائڻ لا ويندڙ ٻن ڄڻن کي پنجاب جي ماڇڪو ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪيو ويو آھي، جنهن ڪري وارث سخت پريشان آهن. وارثن جو چوڻ آهي ته مغوي کي چار لک ڀنگ عيوض بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪار تي ويل ٻن ڄڻن قاري يامين ۽ عبدالرحمان کي به ڌاڙيلن باندي بڻائي ڇڏيو آھي. ان کانسواءِ به اڳڙا، ماٿيلو ۽ ٻين شهرن ۾ اغوا جا واقعا پيش آيا آهن. جن مان اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بنهه گهڻي خراب آهي ۽ ماڻهن کي پوليس ڪنهن به ريت تحفظ فراهم ڪونه ڪري رهي آهي.
پوليس جو ڪم شهرن ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ هوندو آهي، جيڪڏهن اهي سڀ وارداتون پوليس جي هوندي ٿي رهيون آهن ته پوءِ پوليس جي هجڻ جو ڪو جواز ناهي. هيڏي وڏي نفري عوام کي اغُواڪارن کان نٿي بچائي سگهي ته پوءِ اها شهرن ۾ ٿيندڙ عام وارداتن کي ڪيئن ڪنٽرول ڪندي هوندي. ان ڪري سنڌ کي مغُوين جو علائقو نه بڻايو وڃي بلڪه امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪئي وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ وڌندڙ اغُوا جي وارداتن بابت پوليس کي ڳڻتي هجي يا نه هجي پر عوام کي ڳڻتي ضرور ٿي رهي آهي. تنهنڪري ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. بلڪه جيڪي ماڻهو به انهن وارداتن ۾ ملوث آهن، انهن تائين پوليس رسائي ڪري سخت سزائون ڏئي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن ۽ ماڻهن کي سنڌ ۾ رهندي تحفظ جو احساس پڻ ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button