غير درجه بندي

عدم اعتماد جو اشارو

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

ڪجهه ڏينهن کان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ ويجهڙائي نظر اچي رهي آهي، اها ويجهڙائي حڪومت خلاف عدم اعتماد آڻڻ جي ڪري چئي پئي وڃي. ٻئي پارٽيون ڪجهه وقت تائين پي ڊي ايم واري اتحاد ۾ گڏ هيون پر پيپلز پارٽي پنهنجي دوکي ڏيڻ واري روايت کي برقرار رکندي، پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ اهو مطالبو ڪري ڇڏيو ته نواز شريف ڏيهه واپس اچي ته پوءِ حڪومت خلاف عدم اعتماد واري رٿ آندي ويندي ۽ ان کانسواءِ جدوجهد کي به تيز ڪيو ويندو. آصف علي زرداري پاران نواز ليگ جي اڳوڻي حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ جو سلسلو ان وقت کان شروع ٿيو، جڏهن هو بلوچستان حڪومت ڪيرائڻ لاءِ “ڪمپني بهادر” جي ونگار وهڻ لڳو. ان وقت کان وٺي نواز شريف لاءِ معاملا خراب ٿيندا ويندا ۽ هو نا اهل ٿي پنهنجي حڪومت وڃائي ويٺو، پر تنهن هوندي به پي ڊي ايم هڪ اهڙي اتحاد طور اڀريو جنهن سان حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو گهڻو موقعو هو. پر پيپلز پارٽي ان موقعي کي به وڃائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي عمران خان نيازيءَ جي عوام دشمن حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏئي ڇڏيو. هاڻ ذري گهٽ سندس حڪومت کي چار سال پورا ٿيڻ وارا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ايترو وقت ملڻ کان پوءِ به سندس حڪومت ڪا ڪارڪردگي ڪانه ڏيکاري سگهي آهي ۽ نه ئي سندس نااهل وزيرن جون بيوقوفيون ختم ٿيون آهن.
پيپلز پارٽي ان کان اڳ سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتماد آڻي چڪي آهي، جنهن ۾ کيس بدترين شڪست ٿي هئي. جڏهن ته ان وقت به سينيٽ ۾ سندس اڪثريت هئي، جهڙي ريت هينئر آهي. پر ڳالهه نيت جي هوندي آهي. جيڪڏهن هاڻوڪي عدم اعتماد به ناڪام وئي ته پوءِ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي هاڻوڪي حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ جو انتظار ڪرڻ گهرجي.
ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته عمران خان نيازي خلاف عدم اعتماد ڪنهن اشاري کان پوءِ عمل ۾ آڻڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. ظاهر آهي اهو اشارو “ڪمپني بهادر” جو ئي هوندو. جيڪا جڏهن چاهي حڪومت جا اتحادي ڦيرائي سگهي ٿي ۽ جڏهن چاهي حڪومت کي ڪنهن دٻاءُ ۾ آڻي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو مخالف ڌر جون پارٽيون حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين سان تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون ڪري رهيون آهن. پر اهڙي عدم اعتماد جي ڪهڙي اهميت هوندي، جيڪا پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ پنهنجي ٻل تي نه آڻي سگهن ۽ انهن کي وري به “ڪمپني بهادر” جي سهاري جي ضرورت پيش اچي.
ان مان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته ملڪ جون ٻه وڏيون سياسي پارٽيون اڃا تائين به ڪمزور آهن ۽ اهي عوامي طاقت وسيلي عمران خان نيازيءَ جي ڪمزور ترين حڪومت کي ڪو لوڏو نٿيون ڏئي سگهن. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ئي حڪومت کي گهر ڀيڙُو ڪرڻو آهي ته پوءِ ماضي ۾ ٿيل ميثاق جمهوريت ۽ فوج جي ڪردار کي محدود ڪرڻ جون ڳالهيون ڇو ڪيون ويون. جيڪڏهن هاڻُوڪي عدم اعتماد واري تحريڪ ڪامياب ٿي به وڃي ٿي ۽ سڀاڻي پيپلز پارٽي يا نواز ليگ جي حڪومت اچي ٿي ته ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت هوندي ته سڀاڻي ساڳيو فارمولو انهن پارٽين لاءِ استعمال نه ٿيندو. اتحادين کي ڦيرائي انهن خلاف ئي استعمال نه ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته اها روايت گهڻي پراڻي آهي ته ڪيئن وقت کان اڳ حڪومتون ڪيرايون وينديون آهن ۽ پنهنجي مرضيءَ جو سيٽ اپ پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ڪرايا ويندا آهن.
سياست ۾ نيون صفبنديون ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ جڏهن سياست رڳو اقتدار ماڻڻ لاءِ هجي ته ان ۾ ڪڏهن به دوست ۽ دشمن مستقل نه هوندا آهن. ڪالهه عمران خان نيازي جن جو دوست هو، اڄ هو انهن جو دشمن لڳو پيو آهي. اڄ جيڪي اتحادي عمران خان نيازيءَ سان نظر اچي رهيا آهن، سڀاڻي اهي ڪنهن ٻي پارٽيءَ جا اتحادي ٿي سگهن ٿا. ايم ڪيو ايم ته هاڻ ئي اهو چوڻ شروع ڪيو آهي ته جڏهن عوام ئي حڪومت مان مطمئن ڪونهي ته پوءِ اسين ان مان ڪيئن مطمئن ٿي سگهون ٿا. ايم ڪيو ايم هر حڪومت جي اتحادي رهندي آئي آهي، جيڪا بليڪ ميلنگ ڪندي رهندي آهي. تنهنڪري هن وقت به جيڪڏهن اها پي ٽي آءِ حڪومت کان ڪا شڪايت ڪري رهي آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اها ڪراچيءَ جي حوالي سان ڪو مطالبو مڃرائڻ چاهي ٿي يا وري ڪا رعايت وٺڻ چاهي ٿي. پر ايم ڪيو ايم کي به خبر آهي ته سندس آفيس جي بحالي يونٽ کولڻ عمران خان نيازيءَ جي هٿ وس ڪونهي. ايم ڪيو ايم پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪجهه ڏينهن اڳ وزير اعليٰ هائوس آڏو ڪري ڏيکاريو هو پر کيس مڪمل طور ناڪامي نصيب ٿي. هاڻ ته ايم ڪيو ايم اهو به چئي رهي آهي ته آفاق احمد کي پارٽيءَ ۾ ڀليڪار ڪيو ويندو. ايم ڪيو ايم جا سڀئي ڌڙا مائنس الطاف حسين پاڻ به گڏجي به سگهن ٿا پر ته ان جي سياست جو انداز وري به اهو ئي رهندو جيڪو الطاف حسين جو رهيو آهي. اها اڄ به لساني سياست کي هٿي وٺرائڻ چاهي ٿي ۽ ان وسيلي پارٽيءَ کي جيئرو رکڻ چاهي ٿي.
ان ڪري ايم ڪيو ايم کي سڀاڻي تيار ٿيندڙ سياسي سيٽ اپ ۾ سياسي طور بهتر رعايت ملي ٿي ته اها حڪومت کان ڌار ٿيڻ ۾ دير نه ڪندي. سينيئر صحافي حامد مير جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ سڀئي معاملا طئي ٿي چڪا آهن بس هاڻي ان ڳالهه تي اتفاق ٿيڻو آهي ته ڪجهه وقت لاءِ وزير اعظم ڪير ٿيندو. جنهن لاءِ نواز ليگ پيپلز پارٽيءَ کي هڪ نالو تجويز ڪري ڇڏيو آهي، ان تي آصف زرداري چيو آهي ته ان نالي جي حوالي سان فيصلو هو نه پر پارٽي ڪندي ۽ جڏهن اهو فيصلو ٿي ويندو ته پوءِ عمران خان نيازيءَ کي گهر ڀيڙو ڪرڻ ۾ گهڻي دير ڪانه لڳندي.
جيڪڏهن اپوزيشن پارٽين کي اشاري جو منتظر ئي رهڻو آهي ۽ اهي اڃا تائين به اسٽيبلشمينٽ جي هدايتن تي عمل ڪرڻ کي سياست سمجهن ٿيون ته پوءِ ان کي ايندڙ وقت ۾ انهن نتيجن لاءِ به تيار رهڻ گهرجي، جن وسيلي انهن خلاف به محاذ تيار ڪرڻ ۾ دير ڪانه لڳندي آهي. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ “ڪمپني بهادر” کي ريجهائڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو آهي پر تنهن هوندي به انهن جي حصي ۾ جيل ۽ ڪيس ئي آيا آهن. عمران خان نيازي جهڙي هڪ غير سياسي ذهن کي عوام مٿان مڙهيو ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو معاشي طور ملڪ ڪنگال ٿي ويو.
سياسي پارٽين وٽ عمران حڪومت واري تجربي مان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ پيو آهي پر لڳي ائين ٿو ته اهي عمران دشمني ۾ ڪمپني بهادر سان اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار آهن، تنهنڪري اهو عمل مستقبل ۾ ٻنهي پارٽين لاءِ ڪي بهتر نتيجا نه ڏئي سگهندو. سياسي سگهه وسيلي سوڀ ماڻڻ ۽ ڪنهن جي سهاري وسيلي سوڀ ماڻڻ ۾ وڏو فرق هوندو آهي.
بهرحال، نئين سياسي جوڙ توڙ کان پوءِ نئون سياسي ماحول جڙندي نظر اچي پيو. ڏسون ته ان ماحول ۾ عوام لاءِ ڪهڙي بهتري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button