غير درجه بندي

بي اعتمادي رٿ جو ٺهندڙ وايومنڊل

Editorial-Article- Yameen Jatoi

بي اعتمادي واري رٿابندي ڪيتري ڪامياب ٿيندي، اهو سوال پنهنجي جا تي پر ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلز پارٽي ۽ ليگي قيادت ۾ ٿيل ملاقات ۾ بي اعتمادي بابت جيڪو اتفاق ٿيو هو، ان بابت سرگرميون شروع ٿي ويون آهن.
ان سلسلي ۾ ميڊيا ۾ آيل رپورٽن موجب نواز شريف جي صدارت هيٺ ن ليگ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيڻو آهي، جنهن ۾ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ واري معاملي جي منظوري جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي. جنهن کانپوءِ ان بابت پ پ کي آگاهه ڪيو ويندو. بهرحال، اهو طئي ٿيڻ باقي آهي ته رٿ اڳ ۾ وزيراعظم خلاف آندي ويندي يا قومي اسيمبلي اسپيڪر خلاف پيش ڪئي ويندي. مولانا فضل الرحمان سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ بي اعتمادي رٿ جي حڪمت عملي طئي ٿيندي ۽ بي اعتمادي رٿ تي هڪ موقف اختيار ڪرڻ کانپوءِ رابطا شروع ڪيا ويندا. پ پ کي ق ليگ سان رابطو ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويندو ۽ جهانگير ترين سان گڏ 6 ايم اين ايز سان به پ پ ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته جهانگير ترين سان مخدوم احمد محمود اڳ ئي رابطي ۾ آهي. حڪومت جي ڪاوڙيل ميمبرن مان ڪجهه جو واسطو پنجاب ۽ ٻين جو خيبر پختونخوا سان آهي. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ جا معاملا به طئي ٿي ويا آهن ۽ جلد ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن ۾ ملاقات ٿيندي. ان کانسواءِ آصف علي زرداري به ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت جي عيادت لاءِ وٽس ويندو. ان سلسلي ۾ پ پ اڳواڻن چوڌري ڀائرن سان رابطو ڪري ورتو آهي. آصف زرداري لاهور ۾ چوڌري شجاعت سان ملاقات ڪندو.
بهرحال، انهن پيشرفتن مان اهو واضح ضرور ٿي رهيو آهي ته سياسي فضا ڪجهه نه ڪجهه تبديل ٿي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ايم ڪيو ايم جي لب و لهجي ۾ به تبديلي اچي رهي آهي. لاهور ۾ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان چيو ته “جيڪڏهن عوام وزيراعظم عمران خان مان مطمئن ناهي ته اسان ڪيئن ٿا ٿي سگهون. ملڪ ۾ مهانگائي جي جيڪا صورتحال آهي، ان تي اسان کي گهڻو اڳ کان ڳڻتي آهي، اختلاف را سٺي ڳالهه آهي، ملڻ ۾ ڪا خرابي ناهي. ايم ڪيو ايم جا دروازا سڀني لا کليل آهن، اسان حڪومت جا اتحادي آهيون، بيڊ گورننس جي اسان کي سڀني کان شڪايت آهي.” اهو ته هڪ مڃيل سچ آهي ته ايم ڪيو ايم جي هر سياسي ٽرڪ ۽ بيان بازي پويان وڏي سرڪار جو هٿ هوندو آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته ساڍن ٽن سالن کان چپ ويٺل ايم ڪيو ايم کي هڪدم مهانگائي ياد نه اچي وڃي ها. ٻه ڏينهن کن اڳ ايم ڪيو ايم اڳواڻ نواز ليگ جي اڳواڻن سان به مليا آهن. جنهن ۾ نواز ليگ تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ڪيرائڻ لا ايم ڪيو ايم کان مدد گهري ورتي آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻن لاهور ۾ ن ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ شهباز شريف متحده کي بي اعتمادي ۾ ساٿ ڏيڻ جو چيو. جڏهن ته ايم ڪيو ايم اپوزيشن جي ايجنڊا واضح ٿيڻ تائين مهلت گهري آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان ۽ وسيم اختر شهباز شريف سان ملاقات لاءِ ماڊل ٽائون پهتا. ٻنهي جماعتن وچ ۾ حڪومت خلاف بي اعتمادي آڻڻ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ن ليگ ان معاملي تي متحده کان حمايت گهري پر ايم ڪيو ايم چيو ته اپوزيشن جي ايجنڊا واضح ٿيڻ تائين ڪو به فيصلو نٿا ڪري سگهون، معاملو واضح ٿي وڃي ته بهتر فيصلو ڪنداسين. ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته “اسان بي اعتمادي ۾ حمايت لاءِ متحده سان ملياسين، کين ٻڌايو ته اهو آئيني طريقو آهي، توهان ساٿ ڏيو، ايم ڪيو ايم وٽ گهڻو وقت ناهي، انهن تڪڙي فيصلو نه ڪيو ته قوم کانئن سوال ڪندي.” عامر خان چيو ته “شهباز شريف جي اڃا پي ڊي ايم سان ڳالهه ٻولهه ٿيڻي آهي، اپوزيشن طرفان واضح شيون سامهون ناهن آيون، ڪجهه سوال وقت کان اڳ آهن، شيون واضح ٿيون ته بهتر فيصلو ڪنداسين، اسان شهباز شريف جي درخواست تي مشاورت ڪنداسين.”
هوڏانهن ٻن وڏين حريف پارٽين مسلم ليگ (ن) ۽ مسلم ليگ (ق) ۾ پڻ رابطو ٿيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق ن ليگ جي صدر شهباز شريف جي چوڌري ڀائرن سان ملاقات جو امڪان آهي ۽ اها ملاقات ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ٿي سگهي ٿي. ن ليگ طرفان خميس تي ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو آهي پر ملاقات جو ڏينهن ۽ وقت اڃا طئه نه ٿيو آهي.
ليگي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته “انشاالله بي اعتمادي رٿ ايندي، نمبر پورا ٿي ويندا ۽ ماحول جلد تبديل ٿيندو.”
اهڙي جڙندڙ ماحول دوران پي ٽي آ کي هڪ جهٽڪو اهو لڳو آهي ته فيصل واوڊي کي اليڪشن ڪميشن نا اهل قرار ڏيندي، سندس سينيٽ جي ميمبرشپ ختم ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ پي ٽي آ کي ڊيرا اسماعيل خان ۾ وڏو جهٽڪو اهو لڳو ته اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي ڀاءُ عمر امين کي نااهل قرار ڏنو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي 3 رڪني بئنچ وفاقي وزير علي امين گنڊاپور خلاف ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي واري ڪيس جي شنوائي ڪئي. چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته پي ٽي آءِ اميدوار عمر امين گنڊاپور ڊي آءِ خان سٽي جي ميئر جي سيٽ لاءِ چونڊ نه وڙهي سگهندو. اليڪشن ڪميشن علي امين گنڊاپور کي ڊيره اسماعيل خان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيندي سندس ڀاءُ عمر امين کي نااهل قرار ڏنو. جيتوڻيڪ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن طرفان عمر امين گنڊاپور کي نااهل ڪرڻ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آهي پر اصل اهميت اليڪشن ڪميشن جي ڄاڻايل فيصلن جي آهي.
هڪڙي پاسي حڪومت مخالف اهڙو ماحول تيار ٿي رهيو آهي، ٻئي پاسي حڪمران جماعت تحريڪ انصاف عمران خان جي جلسن جو شيڊول تيار ڪري ورتو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب عمران خان جي جلسن جي شيڊول ۾ پهريون جلسو منڊي بهاوالپنڊي ۾ 18 فيبروري تي ٿيندو. شيڊول موجب عمران خان شروعاتي طور تي چئن وڏن جلسن کي خطاب ڪندو. عمران خان شيڊول جلسن مطابق سنڌ جي علائقي ٿرپارڪر ۾ به جلسي کي خطاب ڪندو. وزيراعظم جي جلسي واري شيڊول ۾ هڪ تقريب خيبرپختونخوا ۾ به رکي ويندي.
يقينن اها اپوزيشن کي منهن ڏيڻ جي ٽيڪٽڪ ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هن مهل تائين اپوزيشن جي ٿيل سرگرمين نيازي سرڪار کي مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو آهي، تنهنڪري عين ممڪن آهي ته نيازي ان کي ڪائونٽر ڪرڻ چاهيندو هجي، پر کيس اها خبر ڪانهي ته هن پنهنجي حڪومت ۾ عوام جو جيڪو حشر ڪيو آهي، آخر ڪهڙو منهن کڻي عوام ڏي ويندو؟ بهرحال، انهن جلسن جا ڪي به عوامي بنياد ناهن هوندا. اهي سڀ جلسا يا جلسيون اڳواٽ ئي مينيجڊ هونديون، هتان جي حڪمران طبقي جي سياست جو ڪلچر ڀلا ڪنهن کان ڳجهو آهي؟ هتي جلسا ڪيئن ٿيندا آهن اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪل ڪونهي، تنهنڪري، همراهه هاڻي سکڻا جاٺا پيو هڻي اها کيس به خبر آهي ته هو سياسي طور مڪمل اڻ لاڳاپيل بڻجي چڪو آهي، هو عوامي ماڻهو نه ڪلهه هو، نه اڄ آهي ۽ نه ئي سڀاڻي رهندو. سندس ڪي به عوامي پاڙون ڪونه آهن.
حڪومت مخالف ٺهندڙ اهڙي وايومنڊل ۾ نيازي ٽولو ڪيترو پريشان آهي، ان جو هڪڙو اظهار ته پاڻ نيازي پاران ڪوڙي اعتماد جو باور ڪرائڻ آهي جنهن ۾ چوندو رهي ٿو ته “عوام وٽ تحريڪ انصاف کانسوا ڪو به بهتر آپشن ڪونهي.” اهي سندس ٺلها نفسياتي وار آهن، جن جا سندس سياست جيان ڪي به بنياد ڪونهن. پر اندروني طور حڪومت تمام گهڻي بيچئن آهي. ان جو هڪ اظهار ته پاڻ نيازي اهو بيان ڏئي ڪري چڪو آهي ته هو روڊن تي نڪتو ته وڌيڪ خطرناڪ هوندو. پر خاص ڪري شيخ رشيد جا بيان انتهائي اهم آهن، جيڪي حڪومتي صفن ۾ لڳل ڦڦڙي کي اظهارين ٿا. ڪلهه شيخ رشيد جو بيان آيو ته “اسٽيبلشمينٽ اڻڌري ۽ حڪومت سان گڏ آهي.” سوال اهو آهي ته شيخ رشيد کي باربار اهڙا بيان ڏئي “خاطري” ڇو ٿي ڪرائڻي پئي؟ ان سان حڪومتي بوکلاهٽ چٽي ٿي بيهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button