جروار ويجهو ڳوٺ صاحب لنڊ مان 5 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل ٻن ڀينرن صدف لنڊ ۽ نغمه لنڊ کي جروار پوليس رحيم يار خان مان هٿ ڪري ورتو.
هٿ ڪيل ٻنهي ڇوڪرين کي پوليس ميرپورماٿيلو ۾ فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ٻنهي ڀينرن دارالامان وڃڻ جو بيان ڏنو. عدالت ۾ ڇوڪرين
ٻڌايو ته اسان کي حسن مشوري، ظفر بجاراڻي ۽ ان جي ساٿين اغوا ڪري پنجاب جي مختلف علائقن ۾ لڪائي رکيو. ڪالهه جروار پوليس بازياب ڪرائي ورتو. هنن چيو ته اسان جو پي ما فوت ٿي ويا آھن. خدشو آھي ته ڀا ۽ ٻيا مائٽ قتل ڪري ڇڏيندا، ان ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.
ڇوڪرين جي اهڙي بيان کانپو ٻنهي کي سکر دارالامان موڪليو ويو. هوڏانهن ڇوڪرين جو اغوا ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جابدار گرفتار نه ڪري سگهي آھي.