غير درجه بندي

ڪڪڙ ۾ گهٽي بند ڪرڻ خلاف رهواسين جو احتجاج

ڪڪڙ: ڪڪڙ ۾ ٿرڙي جادو شھيد واسي پورهيتن محمد حسين ٻٻر، راشد ٻٻر، رمضان ٻٻر، احمد خان ٻٻر ۽ نصير احمد ٻٻر پريس ڪلب آڏو احتجاج ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بااثر دين محمد ٻٻر، حنيف ٻٻر، واحد ٻٻر، سڪندر علي ٻٻر، ناهيد علي ٻٻر ۽ ٻين گهرن ڏانهن ايندڙ 10 فوُٽَ گهٽي بند ڪري صرف ڏيڍ فُوٽَ ڇڏي ديوار ڏياري بند ڪري ڇڏي آھي، جنهن سبب اسان سخت تڪليف جو منهن ڏسي رهيا آھيون، علائقي جي نيڪ مردن کان فيصلا به ڪرائي دستاويز به لکرايا آهن، پو به بااثر گهٽي کولي نه رهيا آهن. هنن ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته بااثرن پاران گهٽي تي ڪيل قبضي جو نوٽيس ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button