غير درجه بندي

مهرباني يورپين يونين!

Rozina Junejo


ٻهراڙين جي ترقي جا هن وقت تائين ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا ويا، پر انهن ۾ اڪثريت ٻهراڙي جي ماڻهن جي مالي حالت بهتر بنائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. ان جا هڪ کان وڌيڪ سبب ٿي سگهن ٿا. پر هڪ سبب شايد هي به هو ته اهڙيون رٿائون شروع ڪندڙن کي ڪوبه شخصي تجربو ڪونه هو. پر اسان جا ڀاڳ ڀلا جو 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر اختر حميد خان ڪوميلا (هاڻي بنگلاديش ۾) جي تجربي جي بنياد تي اورنگي پائلٽ پراجيڪٽ جي نالي سان ڪراچي شهر جي هڪ بنهه پوئتي پيل علائقي ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن پنهنجي رٿا شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ علائقي جو جائزو ورتو ۽ ان نتيجي تي پهتو ته نيڪاس جو درست بندوبست نه هجڻ سبب رهواسين جي صحت جا مسئلا ٿين ٿا، ۽ ائين ئي سندن ڪمائي جو چڱو خاصو حصو علاج معالج تي خرچ ٿئي ٿو. انهي نتيجي تي پهچڻ کانپو جرمن ڏاهي ريفرسن جي تعليمات کي بنياد بڻائيندي هن ٻهراڙين جي ترقي جا ڪي اصول واضح ڪيا. ماڻهو منظم ٿين، پنهنجون تنظيمون ٺاهين، پنهنجي موڙي ميڙين، ڪمائي واسطي نوان هنر سکن، وس وارن ۽ سرڪاري ادارن سان لڳ لاڳاپا رکن. هن انهن اصولن تي عمل ڪندي، ڪي ڪامياب تجربا ڪيا. پر ان کان پهريان شعيب سلطان، سندس تجربن کي پشاور ۾ عملي روپ ڏنو هو. اهڙي ريت، انهن اصولن ۽ ڪجهه نون سڌارن سان اترين علائقن ۾ آغا خان رورل سپورٽ پروگرام جي پليٽ فارم تان شروع ڪيو ويو. انهي تجربي ڏاڍا اتساهيندڙ نتيجا ڏنا. ان کان گڏ، انهي پروگرام کي بين الاقوامي طور به مڃتا ملي. ان کانپو 1990ع جي ڏهاڪي ۾ نواز شريف جي دور ۾ مڃتا ملي ۽ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام جي نالي سان ملڪي سطح جو ادارو شروع ڪيو ويو.
ساڳي وقت صوبن ۾ پنهنجا پنهنجا ادارا شروع ڪيا. پر اهي سڀئي رورل سپورٽ پروگرام جي اصولن تي ڪم ڪن ٿا. پر سڀ کان پهريان 89/1988ع ۾ سرحد حڪومت (هاڻي خيبر پختونخواهه) آمريڪي مدد سان سرحد رورل سپورٽ پروگرام شروع ڪيو. ان کانپو جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته هڪ ملڪي ادارو ٺاهي، تجرباتي طور اسلام آباد جي چونڊ علائقن، جنهن ۾ آزاد ڪشمير جا ڪجهه تعلقا پڻ شامل هئا. ساڳي نموني 1998ع پنجاب حڪومت، پنجاب رورل سپورٽ پروگرام شروع ڪيو. ساڳي وقت هڪ مرڪزي رورل سپورٽ پروگرام جي ضرورت پڻ محسوس ڪئي وئي. انهي جي قائم ڪرڻ واسطي برطانيه جي مالياتي تعاون ڪندڙ اداري (DFID) سان رابطو ڪيو ويو ۽ مثبت موٽ ملي. هن وقت رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ جا ادارا جيڪي ميمبر آهن. انهن ۾ آغا خان رورل سپورٽ پروگرام، سرحد رورل سپورٽ پروگرام، نيشنل رورل سپورٽ پروگرام، غازي، برودا ترقياتي ادارو، ٿرديپ رورل سپورٽ پروگرام، پنجاب رورل سپورٽ پروگرام، بلوچستان رورل سپورٽ پروگرام، سگا، سنڌ رورل سپورٽ پروگرام، آ آر ايم، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رورل سپورٽ پروگرام ۽ فدا تنظيم شامل آهن.
هن وقت ٻهراڙين جي ترقياتي فلاسافي پاڪستان جي 115 ضلعن ۾ پهچي چڪي آهي. پر سنڌ ۾ هي پروگرام 2015ع ۾ سنڌ جي 8 ضلعن جي عورتن تائين يورپين يونين جي مدد سان پهتو. هن پروگرام کي عام طرح سڪسيس (Success) چيو وڃي ٿو. هي پروگرام، رورل سپورٽ پروگرام جي فلاسافي تي ٻڌل آهي ۽ اها ئي پروگرام جي ڪاميابي آهي. اصل ۾ انهي حڪمت عملي جو دارومدار ماڻهن جي منظم ٿيڻ، پنهنجا ادارا جوڙڻ ۽ حڪومتي ادارن سان رابطا ڪرڻ ۾ آهي. ٻين لفظن ۾ انهي حڪمت عملي کي ٽه مرحلي رٿا به چيو وڃي ٿو. انهي رٿا تحت پهريان عورتون پاڙي سطح تي منظم ڪيون وڃن ٿيون، ٻَي مرحلي ۾ ڳوٺاڻيون تنظيمون ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ آخري مرحلي ۾ يونين ڪائونسل سطح تي نمائنده مقامي تنظيم ٺاهي وڃي ٿي. هتي هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته هي تنظيمي ڍانچو هڪ طرف سماجي جوڙجڪ جي عين مطابق آهي ته ٻئي طرف انتظامي جوڙجڪ سان به سهمت رکي ٿو. ڇو ته ٻهراڙين جا ڪيترائي مسئلا هن وقت به يونين ڪائونسل سان لاڳاپيل آهن. جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته هن وقت يورپي مدد سان هلندڙ پروگرام سبب 606505 گهر منظم ٿي چڪا آهن. 103932 غريب گهراڻا مالياتي فائدو وٺي چڪا آهن. ساڳي نموني 43319 غريب گهراڻا ننڍن ڪاروبارن لا مالياتي مدد وٺي چڪا آهن. ان کانسوا صحت جي مد ۾ 137130 عورتون/مرد فائدو وٺي چڪا آهن. پر جيڪڏهن اسين فني تربيت ۽ ڳوٺاڻن رستن ۽ ٻين مددي رٿائن جو تعداد ڳڻيون ته اهو ترتيبوار 26529 ۽ 132407 ٿيندو. هن وقت تائين ته پروگرام بابت ڪا تحقيق سامهون ڪانه آئي، ڇو ته اڃا پروگرام هلندڙ آهي. پر پروگرام جي مختلف ڀاڱن تي ٿيل اڀياس ۾ هي نتيجا نڪتا آهن. هڪ ته هن پروگرام جي فلاسافي ڳوٺاڻين عورتن جي ذاتي تجربي کان مٿانهين ڪانهي. ٻيو هن جي ادارتي يا تنظيمي جوڙجڪ هيٺان کان مٿي آهي. (هونئن ٻين پروگرامن جي مٿان کان هيٺ هوندي آهي) ان کانسوا هن پروگرام جا مددي يا سهڪار ڪندڙ شعبا ماڻهن جي ضرورتن سان ميل کائيندڙ آهن. ڪوبه مددي شعبو اهڙو ڪونهي، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن گڏيل مسئلي کي اجاگر ۽ حل نه ڪندو هجي.
ٻئي طرف جيڪڏهن هن پروگرام جي سماجي افاديت خاص ڪري عورتن جي حوالي سان ڏسون ته هن پروگرام نه رڳو عورتن کي نئين سڃاڻپ ڏني آهي. پر هن پروگرام سندن تحرڪ ۽ چرپر تي پڻ مثبت اثر وڌا آهن. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته هن پروگرام سبب اتر سنڌ جي ڪجهه مخصوص ضلعن کي هڪ نئين ۽ قابل قبول سڃاڻپ ملي آهي. پروگرام کان اڳ ۾ هي ضلعا سرداري فيصلن، ڪارو ڪاري، سڱ چٽي، قبيلائي جهيڙن سبب اخبارن جي زينت هوندا هئا.
هن پروگرام جي هڪ ڪاميابي هي به آهي ته هاڻي سنڌ حڪومت ۽ ان جي لاڳاپيل ادارن به هن پروگرام ۽ ڳوٺاڻين تنظيمن کي قبول ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
حقيقت هي آهي ته ايترين عورتن کي منظم ڏسندي به هڪ اتساهه ٿئي ٿو. اميد ڪجي ته هي باشعور ۽ منظم عورتون، جن نه رڳو نوان هنر سکيا آهن. پر پنهنجي غربت جي سببن کي ڄاتو آهي. سي هڪ ڏينهن ضرور مقامي سياست تي اثرانداز ٿينديون.
ان کانسوا هي عوامي ادارا، ٻين رٿائن ۽ پروگرامن تي لاڳو ڪرڻ ۾ پڻ مکيه ڪردار ادا ڪندا ۽ اها ئي اميد آهي. پر مان هي مضمون ختم ڪرڻ کان اڳ ۾ يورپي يونين جي اڳواڻن ۽ رورل سپورٽ پروگرام جي پايو وجهندڙ جي دل جي گهراين سان ٿورائتي آهيان. جن سنڌي عورتن تي ويساهه ڪيو ۽ اسان اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو. جيڪو عام طرح هن سماج ۾ گهڻن جي گمان ۾ به ڪونه هو. ان ڪري مهرباني يورپي يونين توهان جي ڀروسي جي!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button