سياري جي مند شروع ٿيندي ئي سنڌ جي ڪئنالن ۽ شاخن ۾ پاڻي لاٿ ۾ هليو ويندو آهي. هڪ پاسي ته پنجاب جي ارهه زورائي سبب سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي نه ملندو آهي پر سنڌ ۾ جيڪو پاڻي پهچي ٿو، ان جي ورڇ به منصفاڻي طريقي سان نه ٿيندي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جو آبادگار نه لوڙيندو رهندو آهي. سنڌ ۾ آبپاشي کاتي جو عملو نه رڳو پاڻي پئسن جي وڪڻندو رهندو آهي پر اهو بااثرن ماڻهن کي منڍ ۾ ئي پاڻي ڏئي ڇڏيندو آهي، جنهن جي ڪري وچ ۽ پوڇڙي وارن آبادگارن کي پنهنجون زمينون پوکڻ لا پاڻي مناسب مقدار ۾ نه ملي سگهندو آهي. آبادگار رڙيون پيا ڪندا آهن، اهي پاڻي لپ لا احتجاج پيا ڪندا آهن پر انهن جي آواز کي اڻ ٻڌو ڪيو ويندو آهي. اڄ به سنڌ جي شاخن ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري آبادگار پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان ڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. قمبر – شهدادڪوٽ جي آبادگارن جي حالت به ساڳي آهي، اهي پاڻي لا دانهون ڪري رهيا آهن.
قمبر – شهدادڪوٽ جي سنڌ آبادگار بورڊ اڳواڻن محسن علي قاضي، غلام مرتضيٰ لاشاري، ڪريم بخش آريجو، عبدالرزاق چانڊيو ۽ ٻين لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سکر بئراج جي انجنيئر کي لاڙڪاڻي جي به چارج ڏني وئي آهي ۽ انجنيئرن کي هر ڇهين مهيني تبديل ڪيو پيو وڃي، آفيسرن جي تبديلي ۽ پاڻي کوٽ سبب وارهه، سيف الله ۽ ٻين بئراجن ۾ رڳو 50 سيڪڙو فصل ٿيو آهي ۽ هينئر ڪڻڪ لاءِ پاڻي به پنهنجي مرضيءَ تي ڏنو پيو وڃي. هنن چيو ته هاري ڪارڊ رڳو لاڙڪاڻي ۾ نٿو ڏنو وڃي. هنن چيو ته غلط فيصلن ڪري ڪڻڪ جو فصل تيار نه ٿي سگهيو ۽ اسان آبادگارن جي مسئلن کي حل نٿو ڪيو وڃي، اسان جي فصل مان خرچ به نٿو نڪري، ڊيزل سميت هر شي مهانگي ٿي چڪي آهي، يوريا بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، بليڪ مارڪيٽنگ ڪري آبادگار تباهه ٿي ويا آهن. اسان جي ڪچي وارا علائقا حڪومت جي غلط فيصلن ڪري تباهه ٿي چڪا آهن. ڊپٽي ڪمشنر کي شڪايت ڪئي پر سڀئي پاڻ ۾ مليل آهي جنهن ڪري آبادگارن جا مسئلا حل نٿا ٿين. هنن چيو ته آبپاشي کاتي جو رٽائرڊ ملازم مولانا عبدالعزيز سومرو پاڻي ورڇ واري نظام کي هلائي رهيو آهي، جنهن ڪري ڪئنال مان نڪرندڙ 13 هزار ڪيوسڪ پاڻي زمينن تائين پهچڻ وقت 9 هزار ڪيوسڪ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. هنن چيو ته اسان زيادتين خلاف عدالتن ۾ پٽيشنون داخل ڪرايون جتي اسان جي حق ۾ فيصلا ڏنا ويا پر مقامي آفيسر عدالتي فيصلن تي عمل نه پيا ڪن ڇاڪاڻ اسان کي نااهل نه پر اهل آفيسر گهرجن جيڪي آبادگارن جا مسئلا به حل ڪن.
اسين سمجهون ٿا ته آبادگارن جون شڪايتون جائز آهن، جيڪڏهن ڪچي جي علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ لڳي پئي آهي ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ پاڻي جي ڪيتري کوٽ هوندي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ان ڪري به رهي ٿي جو آبپاشي عملدار ايمانداري سان پاڻي جي ورڇ نه ڪندا آهن، جنهن جي ڪري آبادگار نه رڳو پنهنجا فصل وقت سر نه پوکي سگهندا آهن پر انهن جي پنهنجي معاشي حالت به خراب ٿي ويندي آهي. سنڌ جي زراعت جي تباهي رڳو پاڻي جو مناسب مقدار شاخن ۾ نه ڇڏڻ جي ڪري ٿي رهي آهي. هڪ اهڙو صوبو زراعت جنهن جي ڪرنگهي جي هڏي سمجهي وڃي، اتي زراعت جي حالت اها هجي جو هر حوالي سان تباهه لڳي پئي هجي ته ان جو مطلب اهو آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي صوبي جي زراعت ڏانهن ڌيان ڏيڻ لا تيار ناهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ آبادگار بورڊ جي آبادگارن جي شڪايتن کي ختم ڪيو وڃي ۽ قمبر-شهدادڪوٽ جي آبادگارن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.