غير درجه بندي

خوبصورت عورتون، شاندار جذبا ۽ ڪارناما

Editorial-Arrticle-Mohammad Ali Memon

زندگي جي پرمسرت، حسين ۽ خوبصورت جوڀن ۽ جواني واري وقت ۾پنهنجي نئين خوبصورت زندگي جي شروعات ڪرڻ هر مرد ۽ عورت جي آس اميدون ۽ مرادون هونديون آهن. زندگي جي جوڀن ڏينهڙن ۾پنهنجي حياتي جا سڀ کان وڌيڪ قيمتي ۽ حسين خواب هوندا آهن ۽ اهڙي مست ۽ مستاني ماحول ۾ فرضن ۽ ذميوارين جو ياد رهڻ ۽ انجام ڏيڻ يقينن غيرمعمولي ماڻهن جي سڃاڻپ هوندي آهي. شادي واري ڪنوار کي عام طور تي ان ڳالهه جو فڪر هوندو آهي ته هن جو لباس، زيور ۽ ميڪ اپ بلڪل شاندار لڳي ۽ ان اميدن واري وقت هو دنيا جي سڀ کان حسين، خوبصورت ۽ خوشنصيب ڪنوار ڏسڻ ۾ اچي پر اهڙين فڪر کان آزاد ڀارتي ڪنوار تعليم حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ امتحادن ڏيڻ پهچي وئي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر راج ڪوٽ سان واسطو رکندڙ شيوانگي بگٿاريا پارلر مان تيار ٿي شادي هال وڃڻ بدران گھوٽ ۽ گھرڀاتين سان گڏجي سڌو امتحان جي ڪمري ۾ پهچي وئي. شيوانگي خانگي يونيورسٽي مان بيچلرز ڪري رهي آهي ۽ سوشل ورڪ جي پنجين سيمسٽر ۾ تعليم حاصل ڪري رهي آهي. هن انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هن لاءِ امتحان ڏيڻ گھڻو ضروري هو، جڏهن شادي جي تاريخ رکي وئي ته امتحانن جو شيڊيول نه آيو هو پر بعد ۾ خبر پئي ته سندس هڪ پرچو شادي ڏينهن آهي. شيوانگي جو چوڻ هو ته امتحانن جي تاريخ خبر پوڻ کان پوءِ هن گھروارن سان ڳالهه ڪئي ۽ ٻڌايو ته هو شادي واري ڏينهن ئي پرچو ڏيڻ چاهي ٿي جنهن تي گھروارن ڪو به اعتراض نه ڪيو. ڪنوار جي اها وڊيو سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي وائر ٿي رهي آهي، جنهن تي واهپيدار شيوانگي ۽ سندس مڙس جي فيصلي جي ساراهه ڪري رهيا آهن.

   هندستان جي ڀيٽ ۾ اسان جو ملڪ پاڪستان به ڪنهن کان گهٽ نه آهي، خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ پڻ ان کان به وڌيڪ مثال موجود آهن، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر  شرميلا فاروقي، پنهنجي شادي واري ڏينهن پنهنجي سونهن ۽ سينگار سميت سنڌ اسيمبلي پهچي وئي هئي ۽ ان موقعي تي هن سينيٽ جي چونڊن ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. اهڙي ريت، سنڌ اسيمبلي جي هڪ ٻي مانائتي عورت ميمبر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ميڊم روبينا قائمخاني پڻ پنهنجي نوجوان پٽ جي حادثي ۾ ٿيل تازي انتقال ۽ گهر ۾ سوڳ واري حالت هئڻ جي باوجود سينيٽ جي چونڊن ۾سنڌ اسيمبلي اچي پنهنجو فرض ۽ سنڌ جي عوام جو قرض ادا ڪيو. اهڙي ريت، سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ۽ هاڻوڪي صوبائي وزير محترمه شهلا رضا پڻ پنهنجي سموري زندگي ۾ سياسي جدوجهد ۽ وفاداري جي علامت آهي. جنهن پنهنجي ڪنواري زندگي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان تحريڪ جي شروعات ڪئي ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ تعليم دوران  جنرل ضيا جي مارشل لا واري دور ۾ پي ايس ايف جي سرگرم اڳواڻ هئڻ ڪري گرفتار ڪئي ويئي ۽ پاڻ انهي گرفتاري واري ئي حالت ۾ جيل اندران پنهنجا يونيورسٽي جا امتحان ڏنا. آزادي ٿيڻ کانپو پاڪستان پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان سرگرم سياست جاري رکي ۽ شادي کانپو پنهنجي گهرداري وارا فرض پڻ لڳاتار نڀائي رهي آهي ۽ گهر جو سودو سامان ويجهي آچر بازارن يا مارڪيٽن مان پاڻ وڃي خريداري ڪري ايندي آهي. اهڙي قسم جا ڪيترائي حال احوال هن پنهنجي ڪيترن ئي ٽي وي چينلن ۽ اخبارن جي انٽرويوز ۾ پڻ بيان ڪيا. 

ٻئي پاسي، ملڪ جي ۽ اسلامي دنيا جي ملڪن جي پهرين خاتون وزير اعظم پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو جي سموري حياتي پڻ هڪ وڏي جدوجهد ۽ جيلن ۽ عذابن جي تاريخ ۽ دنيا لاء مثالي رهي. محترمه بينظيرڀٽو جي آصف علي زرداري سان شادي کي ملڪ جي عوام پڻ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ۽ شادي جي وليمي واري تقريب ڪراچي جي لياري واري وڏي ۽ يادگار جلسي گاهه ڪڪري گرائونڊ ۾ ملهائي ويئي. جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ور آصف علي زرداري ۽ ٻنهي خاندانن جي عورتن ۽ مردن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي لکين جيالن طرفان شاندار نموني ملهائي ويئي. ڪڪري گرائونڊ واري اسٽيج تي محترمه بينظير ڀٽو سموري هار ۽ سينگار سان زيور ۽ ميندي رتي هٿن سان ويٺل هئي ۽ سندس ڀر ۾ بوسڪي پڳ سان سندس ور آصف علي زرداي مبارڪون ۽ محبتن ڀريا تحفا وصول ڪري رهيا هئا.

محترمه بينظير ڀٽو، يقينن دنيا جي عورتن، نياڻين ۽ مرد ماڻهن جي دنيا لا پڻ هڪ مثال هئي جنهن پنهنجي مصروف ۽ خوشحال زندگي ۾ به سادگي اختيار ڪئي، پنهنجي گهرداري وارا فرض نڀائڻ سان گڏ پنهنجي ٻارڙن جي پالنا به پاڻ ڪئي ۽ ايتري حد تائين جو پاڪستان جي وزير اعظم ٿيڻ جي باوجود پرڏيهي دورن تي پنهنجا ٻارڙا بلاول، بختاور ۽ آصفه کي پنهنجي ڪڇ تي کڻي هلندي خوشي ۽ فخر محسوس ڪندي هئي. آخر ۾ پنهنجي 9 سالن واري جلاوطني ختم ڪري جڏهن ڪراچي پهتي ته هڪ پاسي ملڪ جي لکين عوام سندس بي مثال استقبال ڪيو ته، ڪجهه ڪلاڪن کانپو سندس انهي استقبالي جلوس تي ظالمن بمن سان حملا ڪري سوين معصوم ڪارڪنن کي شهيد ۽ رتو ڇاڻ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو پر هن سورمي ملڪ کي دهشتگردن جي رحم ڪرم تي ڇڏي واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو سر تري تي رکي لياري ۾ بنا ڪنهن سيڪيورٽي جي ڪارساز بن ڌماڪن جي شهيدن جي گهرن ۾ پهچي وئي ۽ شهيدن جي بيواهن، ڀينرن ۽ مائرن سان ڀاڪرين پئي سندن ڏکن ۽ صدمن ۾ حصيدار ٿي ۽ يتيم ٿيندڙ معصومن کي پنهنجي هنج ۾ ويهاري پيار ڪندي رهي ۽ پنهنجي شفقت ۽ مامتا نڇاور ڪندي رهي.    

   ملڪ تي 9 سالن کان ڇانيل جنرل پرويز مشرف وارو قهري دور جنهن ۾ سياسي جماعتن ۽ سياسي سرگرمين تي بندش پر هٿيار بند دهشتگرد آزاد رهيا. جج ۽ قانوندان قيد پر ظلم جا ضابطا ۽ قانونن وارا واسينگ سموري سماج کي ڳڙڪائڻ ۾ مصروف عمل هئا. سمورو ملڪ تيزي سان ڏيهي ۽ پرڏيهي حملي آورن جو شڪار ٿي رهيو هو ۽ ملڪ جي ڪروڙين عوام جو حال ۽ مستقبل دا تي لڳي چڪو هو ته ان وقت، ملڪ ۾ وڪيلن، سول سوسائٽي ۽ سياسي جماعتن جي هلچل زور حاصل ڪري رهي هئي. اهڙي ريت، ملڪ جي وڳوڙ ۽ خوفناڪ صورتحال سبب جنرل پرويز مشرف ڳجهي نموني وڃي دبئي پهتو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي ملڪ جون حالتون سنڀالڻ ۾ مدد ڏيڻ جي درخواست ڪئي. نيٺ ٽن گڏجاڻين کانپو ٻه طرفو قومي مفاهمت وارو معاهدو ( اين آر او)  ٿي ويو ۽ جنرل پرويز مشرف کي سياسي سرگرمين تان پابنديون ختم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ ۽ پنهنجي آرمي چيف جي عهدي تان ريٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪرڻو پيو. 

محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ پنهنجي جماعت جي قيادت ڪرڻ لا 9 سالن واري جلاوطني ختم ڪري واپس وطن اچڻ جو اعلان ڪيو ته، ان وقت ملڪ دهشتگردي جي وڏن حملن جو شڪار هو. 12 مئي 2007ع تي ڪراچي وارو سانحو پڻ ٿي چڪو هو. اهڙي صورتحال ۾ محترمه بينظير صاحبه کي گهڻ گهرن سمجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي ته ملڪ واپس وڃڻ تي اوهان جي حياتي کي خطرا ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري برما ميانمار جي ليڊر آنگ سان سوچي وانگر اوهان به دبئي ۾ ويهي ملڪ جي قيادت ڪريو پر محترمه بينظير جو چوڻ هو ته ”ملڪ ۾ منهنجي ڪروڙين عوام ۽ معصوم ٻچڙن جون حياتيون خطري ۾ آهن، انهن کي بچائڻ لا مون کي پنهنجي سر جو هو خطرو کڻڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو اوهان ڏسو ته آنگ سان سوچي جمهوري تحريڪ جي پاڻ قيادت نه ڪرڻ ڪري پنهنجي ملڪ جي عوام لا گهڻو ڪجهه ڪري نه سگهي آهي پر مان قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي ڌي بينظير ڀٽو آهيان ۽ مون کي پنهنجو ڪردار پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي ضرورت مطابق ئي ادا ڪرڻو آهي“.
محترمه جي عظيم شخصيت ۽ بي مثال قيادت هن آمريت وڪوڙيل ملڪ ۾ اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو جنهن جو سندس ذهن ۾ تصور ۽ خواب هو. سموري ملڪ ۾ڪروڙين عوام جي ميڙاڪن ۽ جلسن ۽ جلوسن جي قيادت ڪئي ۽ انهن سان هم ڪلام ٿي ۽ خطاب ڪيا. نيٺ جمهوريت جو صبح ٿيڻ وارو وقت ويجهي اچڻ وقت راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ پنهنجي آخري جلسي عام ۾ موجود هزارين عوام ۽ ملڪ جي ميڊيا ذريعي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ ڪروڙين عوام کي ملڪ ۾ جمهوريت جو صبح نروار ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائڻ کانپو جلسي گاهه کان واپس ويندي بمن جي حملن ۽ قاتلن جي فائرنگ ۾شهيد ٿي وئي ۽ ان انڌوناڪ سانحي ۾ پڻ ڪيترائي معصوم مارجي ويا. شهيدن جي انهي خون ۽ قربانين جي نتيجي ۾ نيٺآمريت کي شڪست ٿي ملڪ ۾ جمهوريت جو صبح نروار ٿي ويو .

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button