“اي مرض تون دنيا جو سڀ کان ڊگهي عمر وارو شيطان آهين. اي حياتي سرنهن جي داڻي کان به ننڍي آهين پر ڦٽين ٿي ته زندگيءَ جا پيلا گل ڪيڏا نه وڻندڙ آهن. بيشڪ هر شيءِ فنا آهي موت کانسواءِ. اي مصيبت مون کي ڇوٽڪارو عطا فرماءِ. اي مرض ڪڌي ٻار جيان نه وچڙ. پنهنجي پاڙ پيدا ڪر بي پاڙيءَ جيان ڇو ٿو وچڙين. اي موت اڻ سڏيل زندگيءَ جي دسترخوان جو ڪمهلو مهمان آهين. اي مرض شل توتي موت نازل ٿئي، تون به ڪنهن مريض جيان موڪلائي وڃين.”
مٿيون سٽون سنڌي ٻولي جي جينيئس ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي ناول “قالو بلا” جون آهن. جنهن ۾ هو موت سان مخاطب آهي پر ائين ٿي ئي نٿو سگهي ته ڪو ماڻهو موت سان مخاطب هجي ۽ ان کي موت نه اچي. موت اهو چور آهي جيڪو زندگي کي ڪٿي به کاٽ هڻي سگهي ٿو. ڪالهه رسول ميمڻ جي اوچتي وڇوڙي جي خبر سنڌي ادب پڙهندڙن ۽ دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ کيس ڪنهن به پڙهيو هوندو ته ان تي وڄ وانگر ڪڙڪي هوندي.
هن جي ڪهاڻين، ناولن ۽ نثر جا نوجوان ته ديوانا رهيا آهن پر سندس ڄمار جا ماڻهو به هن کي گرو سمجهندا رهيا آهن. پنهنجي لکڻ جي رفتار کي هن ڪڏهن به ڍرو نه ڪيو ۽ جيتري رفتار سان هو لکندو رهيو، ايتري ئي پختگي سندس لکڻين ۾ نظر ايندي هئي. رڳو گذريل ڏهن سالن جي سنڌي ادب جو جائزو وٺجي ته هن جي ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ناول اسان کي وڌ کان وڌ نظر ايندا. ڇاڪاڻ ته هو هڪ بهترين قصو بيان ڪندڙ ڪهاڻيڪار هو. جيڪو جملي کي ڪهاڻي جيترو ڊگهو ڪرڻ جو فن ڄاڻيندو هو. جنهن جو مثال سندس ناول “قالو بلا” ته آهي پر ان کانسوا سندس ڪيتريون ڪهاڻيون به ان ڳالهه کي ثابت ڪن ٿيون.
جڏهن ادب جي دنيا ۾ بهترين ڪهاڻيڪار موڪلائي ويندو آهي ته ان سان گڏ ايندڙ وقت ۾ سرجندڙ ڪهاڻيون به دفن ٿي وينديون آهن. هن مهيني سنڌ کان هڪ ٻيو بهترين ڪهاڻيڪار کسي ورتو آهي. اڃا شوڪت شوري جي قبر جي مٽي ئي ڪانه سُڪي آهي ته رسول ميمڻ جي وڇوڙي جو ڄاڻ مليو آهي. رسول ميمڻ سنڌي ادب کي شاهڪار ڪهاڻيون ته ڏنيون پر هن ڪهاڻي ۽ ناول کي ادب جي سرريئلسٽڪ لاڙي هيٺ لکيو، اهو سندس ڪمال هو. تاريخ جي موضوعن کان وٺي انساني نفسيات ۽ سماجي حقيقت نگاري تائين هن پنهنجين لکڻين وسيلي نوان پلاٽ پيش ڪيا. جيئن سندس ناول “اک ڇنڀ” جيڪو هندستان جي ورهاڱي جو قصو آهي پر اها سندس ڪلا هئي جو ان کي هن نئين انداز سان پيش ڪيو. اهڙي ريت “اُڻويهه عورتون” ناول به راجا ڏاهر واري حڪومتي دور ۽ عربن جي ڪاهن تي لکيل آهي، جيڪي سنڌ کي مال غمنيت سمجهندي سنڌ جي ڀيل ڪرڻ لا ايندا رهيا آهن. ان ناول ۾ هو سنڌي قوم سان لاڳاپيل قومي سوال کي به بحث هيٺ آڻي ٿو.
سندس ڪهاڻي، ناول توڙي نثر کي پڙهڻ کان پو ائين محسوس ٿيندو آهي ته هو زندگي ۽ ڪائنات جي سمورن معاملن کي هڪ هڪ نقطي وانگر بيان ڪندو هو. سندس افسانوي ادب ۾ جڏهن هو زندگي بابت ڪنهن ڪردار يا پنهنجي بيانيه انداز وسيلي ان موضوع تي سوال اٿاريندو هو ته بحث ڪري ويندو هو.
سنڌي ادب ۾ رسول ميمڻ نه رڳو موضوعاتي حوالي سان پنهنجو هڪ الڳ دڳ ورتو پر پنهنجي انوکي اسلوب وسيلي هن پڙهندڙ کي موهي ورتو. سندس ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ تشبيهن، استعارن ۽ تمثيلن جو استعمال ايترو ته ٺهڪندڙ نظر ايندو آهي جو ائين ٿو لڳي هن وٽ لفظن جي ذخيري کان وڌيڪ تشبيهن ۽ استعارن جو ذخيرو گهڻو هو. هر لکڻي ۾ اهي شيون نئين انداز سان نظر اينديون هيون. ڪڏهن به ڪٿي ڪو ورجا نظر نه آيو. جيئن علي بابا کي پنهنجي ڪهاڻي تي ايتري گرفت هوندي هئي جو سندس ڪهاڻي شروع ڪرڻ کان پو ڪوبه پڙهندڙ ڪهاڻي کي پورو ڪرڻ کان سوا نه ڇڏي سگهندو هو. بلڪل ائين رسول ميمڻ ۾ جي لکڻي ۾ به اهي خوبيون هيون. ان ڪري هن جڏهن به ڪا شي لکي ته ائين محسوس ٿيو ته اها نه رڳو نئين آهي پر اڇوتي به آهي.
سنڌ جو اهو ترقي پسند لڏو، جنهن سنڌي افسانوي ادب کي انتهاپسندي ۽ ناصحاڻي ادب جي ڪُن مان ڪڍي هڪ نئين ڏسا ڏني، رسول ميمڻ به ان لڏي مان هو، جنهن افسانوي ادب وسيلي نوان تجربا ڪيا. ڪهاڻي کي نئون ٽيڪسٽ ڏنو ۽ ان جي وسعت ۽ موضوعاتي حوالي سان شڪل ئي تبديل ڪري ڇڏي.
هن لکڻ کي به ڊاڪٽري وانگر، پيشي طور ئي چونڊيو هو. ان ڪري هن جو قلم ساهي گهٽ پٽيندو هو. هڪ کان پو ٻيو ڪتاب سندس آڱرين وسيلي ڪورن پنن تي لکبو ويندو هو يا وري پريس ۾ هوندو هو. هو انهن ليکڪن مان هو، جن جا ڪتاب بنهه گهڻو تڪڙو وڪامي ويندا هئا ۽ ان کان پو سندس نئين ايندڙ ڪتاب جو انتظار به رهندو هو.
هو گفتار جو غازي نه هو پر ڪردار جو صاحب هو. جنهن وٽ نوجوانن کي همٿائڻ جي همت هئي ته پنهنجو پاڻ تي تنقيد سهڻ جو به هنر هو. پنهنجين لکڻين تي ٿيندڙ تنقيد کي هو سدائين برداشت ڪندو ۽ هڪ پڙهندڙ جي را کي به تنقيد نگار جي را سمجهندو هو. هو سنڌي ادب ۾ ان وقت به ناول سان ناتو نڀائيندو رهيو، جڏهن سنڌي ۾ ناول جو مقدار ته وڌندو رهيو پر معيار بهتر نه ٿي سگهيو. رسول ميمڻ ان خال کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس لکڻ جو معيار ۽ مقدار ٻئي بيلنس رهيا. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته هن مطالعي کي جاري رکيو. جڏهن مطالعو هلندو رهي ته نوان خيال به اچن ٿا ۽ اڳ ۾ موجود خيال وڌيڪ بهتر انداز سان پيش ڪري سگهجن ٿا. سندس نثر جي ڪتابن پيلسبو، الف کان اڳ ۽ نوسيبو ۾ جيتوڻيڪ اهي ئي ڳالهيون آهن، جن موضوعن تي اڳ ۾ به گهڻو لکيو ويو آهي پر هن انهن موضوعن کي وري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هڪ بهترين ڪهاڻيڪار جو وڇوڙو ادبي دنيا لا وڏو صدمو هوندو آهي. رسول ميمڻ جو وڇوڙو به سنڌ جي سمورن ڪهاڻيڪارن ۽ ڪهاڻي پڙهندڙ لا صدمو ئي آهي. پر زندگي وانگر موت به هڪ اهڙو سچ آهي، جنهن کان منهن نٿو موڙي سگهجي. هو چوندو هو ته آئون ناستڪ هئس پر هاڻ صوفي آهيان. هونئن ته هر ماڻهو جو وجود مٽي جو ڳوهيل آهي پر رسول ميمڻ سدائين مون کي ڪهاڻين جو ڳوهيل ماڻهو لڳو. کيس سندس لفظن سان ڀيٽا ڏجي ٿي:
“نه مئو آهيان… نه مرندس. جزا ڊهن ٿا. ملن ٿا. ٺهن ٿا. حياتي سمنڊ جي تهه تي ترندڙ پاڻيءَ سان ڀريل دِلو آهي. دِلو ڀڳو. پاڻي پاڻيءَ سان ملي هڪ ئي ويندو.”
آئون سوچيان پيو ته رسول ميمڻ جو وجود پاڻي سان ڀريل دِلو هو يا ڪهاڻين سان ڀريل دِلو هو، جيڪو قصن جي پاڻي سان ملي هڪ ڪهاڻي بڻجي ويو آهي.