اسين پنهنجي ٻارن کي سج ۽ چنڊ فتح ڪندي ڏسڻ به چاهيون ٿا پر انهن جي تنقيدي سوچ تي پابنديءَ جا قائل به آهيون. اسان جي سماج ۾ اهڙا ماڻهو به تعليمدان پيا سڏيا وڃن، جيڪي حقيقت ۾ استاد سڏرائڻ جي لائق به ڪونهن. پڙهائڻ ۽ سيکارڻ واري ڪِرت ۾ ڪيترائي اهڙا مهانڊا به شامل آهن، جيڪي پاڻ ئي پڙهڻ ۽ سکڻ جا محتاج آهن. مختلف ذهني بيمارين جو شڪار ماڻهو به لئيءَ منجهان لٺِ ڀڃي تعليمدان لڳا ويٺا آهن. پينگهي کان قبر تائين علم پرائڻ واري ڳالهه کي نجي تعليمي ادارن جي مالڪن پنهنجي مفاد ۾ واه جو استعمال ڪيو آهي. انهن جو نعرو آهي پينگهي بدران ماءُ جي هنج کان وٺي ڌرتي ماءُ جي هنج تائين علم پرايو يعني ٻار ڄمي ئي ته نجي اسڪول مالڪن جي حوالي ڪريو ۽ کين پابنديءَ سان ڏوڪڙ ڏيندا رهو. تعليمي نفسيات جي ماهرن جو چوڻ به آهي ته سکڻ وارو عمل انسان جي سموري زندگيءَ دوران جاري رهندو آهي. يعني هر دور ۾ اوهان ڪجهه نه ڪجهه سکي رهيا هوندا آهيو. سکڻ جو تعلق رڳو ٻاروتڻ واري عمر سان ڪونهي. توهان جنهن وقت ذميواريون سنڀاليندڙ جوان آهيو، ان وقت به سکي رهيا هوندا آهيو. ايتري تائين جو جُهور ڪراڙو ٿيڻ کان پوءِ به انسان ڪجهه نه ڪجهه سکندو رهندو آهي. ان بظاهر سٺي ڳالهه کي نجي تعليمي ادارن جا مالڪ پنهنجي پيٽ گذر جو وسيلو بڻايون ويٺا آهن.
بهترين استادن جو طريقو اهو آهي ته اهي پنهنجي شاگردن ۾ تنقيدي شعور ۽ سمجهه اوتيندا آهن. اهي پنهنجي شاگردن کي بهترين قدرن جو خزانو وردان ڪندا آهن. رڳو زباني هدايتن ذريعي نه پر پنهنجي عملي زندگيءَ جي ذريعي انهن کي سيکاريندا آهن. ڇاڪاڻ ته کين پتو هوندو آهي ته اخلاق ڪا اهڙي شي ڪانهي جيڪا تقرير ذريعي سيکاري وڃي. گهر ۾ ويٺل پيءُ جڏهن پنهنجي ننڍڙي پٽ کي اهو چئي دروازي تي موڪلي ٿو ته کڙڪائڻ واري کي چئو بابو گهر ڪونهي ته پوءِ اهو پٽ کي ڪُوڙ ڳالهائڻ جي برائين بابت ڀل جيتريون وڻينس حديثون ٻڌائيندو رهي، پٽ حسبِ توفيق ڪُوڙ ڳالهائيندو رهندو. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي سماج ۾ گفتار بدران ڪردار ذريعي اخلاق سيکارڻ وارا استاد تمام گھٽ وڃي بچيا آهن. شاگردن ۾ تنقيدي شعور پيدا ڪرڻ ان لاءِ ضروري آهي ته جيئن اهي هر خبر تي ايمان آڻڻ بدران ان کي جانچي پرکي سگهن ته اها سچي آهي يا ڪُوڙي؟ اها سموري سچ آهي يا اڌ سچ اڌ ڪُوڙ؟؟
استاد وٽ سدائين اهو موقعو هوندو آهي ته پنهنجي شاگردن کي سيکاري. انهن کي پنهنجي عملي زندگيءَ ذريعي هر ڏينهن هر هفتي ڪجهه نئون ۽ رِيس ڏياريندڙ سيکاري پر ان لاءِ شرط اهو هوندو آهي ته پهريان پاڻ استاد کي اهو سڀ ڪجهه ايندو هجي جيڪو هُو پنهنجي شاگردن کي سيکارڻ چاهي ٿو. جيڪي قدر ۽ گُڻ هُو پنهنجي شاگردن ۾ ڏسڻ چاهي ٿو اهي قدر ۽ گُڻ منجهس به هجن. ڇاڪاڻ ته جهڙي نموني سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته جيڪي ڪُني ۾ هوندو اهو ئي پاٽ ۾ پوندو، اهڙي نموني جيڪو استاد وٽ هوندو اهو ئي شاگرد کي ملندو. جيڪڏهن استاد پاڻ ئي خالي کوکو آهي ته پنهنجي شاگرد کي به ڪجهه ڪونه ڏئي سگهندو.
ان سان گڏوگڏ اهو مواد ۽ نصاب پڻ اهم آهي جيڪو ڪلاس روم ۾ ٻارن کي پڙهايو وڃي ٿو. سوال اهو آهي ته ڇا اسان پنهنجي ٻارن کي جيڪي ڪجهه پڙهائي رهيا آهيون اهو درست آهي؟ جيڪو ڪجهه پڙهايون ٿا، ڇا اهو سچ آهي؟ اهڙي نموني اسان جيڪا نصابي تعليم ڏئي رهيا آهيون، اها ڪنهن ملڪ جي عوام کي ڪيتري قدر سگهارو بڻائي سگهي ٿي؟ ان باري ۾ سوچڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن نه ته اسان کي اها اميد نه رکڻ گھرجي ته اسان جا پڙهايل ٻار يا نوجوان نسل ڪائنات کي فتح ڪري وٺن.
استادن جيڪڏهن پنهنجي شاگردن کي سٺي نموني سکيا ڏني آهي ۽ انهن جي ڪردار سازي ڪئي اٿن ته اهي شاگرد سماج ۾ اخلاقي ڏيوالپڻي کي ڏسي خاموش يا اڻ ڌريا نه رهي سگهندا. پائلو فراري به چيو هو ته تعليمدان کي ڪڏهن به اڻ ڌريو نه رهڻ گھرجي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ نام ڪَٺئي تعليمدانن سميت ماڻهن جي اها اڪثريتي راءِ آهي ته سٺو ماڻهو ان کي چئبو آهي جيڪو “نه ڏئي نه ڏکائي”. جڏهن ته اهو ته ماڻهو ئي نه ٿيو نه جيڪو نه ڏئي نه وٺي. نه ڏئي نه ڏکائي جو مطلب آهي نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀئو. اهو ته ڪو مُردو ئي ٿي سگهي ٿو. هڪ زنده انسان جو مطلب آهي، اهو پنهنجي وقت جي حسينيت ۽ يزيديت منجهان ضرور ڪنهن هڪڙي جي پاسي بيهندو.
پائلو فراري اهو به لکيو آهي ته ڪلاس روم اهڙي جاءِ هوندي آهي جتان سماجي تبديليءَ جا سبق پڙهايا ويندا آهن. استاد اهڙو ماڻهو هئڻ گھرجي جنهن کي هر انقلابي تحريڪ جي سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ان معنى ۾ ته اهو جيڪي شاگرد تيار ڪري رهيو آهي اهي اڳتي هلي انقلابي تحريڪ جو حصو بڻجن.
اسان جي سماج ۾ تعليم کي روزگار جو ذريعو سمجهڻ سبب هر ڪنهن جو ڌيان اهڙن مضمونن ڏانهن رهندو آهي، جيڪي سٺي نوڪري وٺي ڏيارڻ جي پڪ ڏياريندا آهن. والدين پنهنجا ٻار خاص ڪري سائنسي ۽ پروفيشنل مضمونن ۾ ئي پڙهائڻ چاهيندا آهن ته جيئن اهي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻجي گھڻي کان گھڻا پيسا ڪمائي سگهن. جڏهن ته فلسفي، تاريخ ۽ ٻين آرٽ جي مضمونن ۾ پڙهائيءَ کي عيب سمجهيو وڃي ٿو يا وري اها سوچ آهي ته ڪو واندو ماڻهو ئي اهڙن مضمونن ۾ پڙهائي ڪندو آهي.
ٻارن کي پڙهائڻ واري استاد لاءِ ضروري آهي ته اهو رڳو پنهنجي تقرير ئي نه ٻڌائي پر ٻارن جي تقرير به ٻڌي. اسان وٽ استاد اهو سمجهندو آهي ته جيڪڏهن ٻارن جي ٻڌندو ته ٻار مٿس دهمان ڪري ويندا. جيڪڏهن هُو ٻارن کي مارَ ڏيندو ته ٻارَ کانئس ڊڄندا پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ٻارن جو مٿس حملو ۽ چڙهائي ٿي ويندي. اسان جي اسڪولن ۾ جڏهن شاگرد استاد جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن استاد ٻارن جو گوڙ بند ڪرائڻ ۽ انهن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ ۾ پورو هوندو آهي، تڏهن اسان اهو سمجهندا آهيون ته ان ۾ بس ٻارن جو ئي قصور آهي جن کي مار ڏئي سنوارڻ استادن جو ڪم آهي. اسان جي ٻوليءَ ۾ اهڙا انيڪ محاورا موجود آهن جيڪي ٻارن کي مارَ ڏئي سڌو ڪرڻ واري عمل کي درست قرار ڏيندي اسان جي قومي نفسيات کي اجاگر ڪن ٿا. مثال طور ننڍو ٻار ۽ مڇ جو وار سدائين سنوت ۾ رکڻو پوندو آهي. يا وري استاد جي مارَ، ٻار جي سنوار. يا وري هڪڙي حديث بيان ڪئي ويندي آهي ته ستن سالن جي ٻار کي نماز پڙهڻ لاءِ چئو، ڏهن سالن جو ٿيڻ کان پوءِ به ٻار نماز نه پڙهي ته مارَ ڪُٽَ ڪريوس. ان حديث منجهان مطلب اهو ورتو ويندو آهي ته رڳو نماز نه پر هر چڱي ڪم لاءِ ٻار کي مار ڏئي سگهجي ٿي ۽ اها ڪير به ڏئي سگهي ٿو. استاد، مولوي، ملان، چاچو مامو يا ايتري تائين جو پاڙي وارو همراه به. جڏهن ڪلاس ۾ ٻار استاد جي ڳالهه نه ٻڌي ته اسان اهو نه سوچيندا آهيون ته شايد استاد جو ڪو ڏوهه هجي. متان اهو استاد جي اهليت جو معاملو هجي. شايد اهو ڪا نئين ڳالهه ئي نه ڪري رهيو آهي. يا ان جي ڳالهه ٻڌڻ جوڳي ئي ڪانهي وغيره وغيره. اهو سڀ ان ڪري ناهيون سوچيندا جو اسان ان جا عادي ئي ناهيون. اسان پنهنجي قول فعل کي تنقيدي نظر سان جانچڻ جو سبق ڪٿان به نه سکيو آهي. مون کي ڪنهن به قسم جي درستگيءَ جي ضرورت ڪانهي. مان ته غلط يا کُٽل ٿي ئي نه ٿو سگهان، ٻين سڀني کي منهنجي مطابق بڻجڻو پوندو.
تعليمي ماهرن جو چوڻ آهي ته استاد کي بهترين ۽ ماهر فنڪار هئڻ گھرجي جيڪو پنهنجي شاگردن کي سکيا جي معراج تي پهچائي ڇڏيندو آهي. استاد کي پنهنجي ليڪچر جي تياري ڪرڻ گھرجي. ڪلاس روم ۾ وڃڻ کان پوءِ کيس اوٻاسيون نه اچڻ گھرجن. ڪلاس روم ۾ پهچڻ کان پوءِ کيس اهو نه سوچڻ گھرجي ته يار هاڻي ڇا ڪريان؟ تياري ته ڪري نه آيو آهيان.
ان سان گڏوگڏ بهترين استاد اهو آهي جيڪو پنهنجي شاگردن کان سکڻ لاءِ سدائين تيار ۽ لائق هجي. پڙهائڻ وارو عمل ڪو ون وي روڊ ڪونهي جيڪو رڳو استاد جي اظهار لاءِ هجي بلڪه اهو ٻه طرفو عمل آهي، جيڪو استاد سان گڏوگڏ شاگردن کي به اهو موقعو ڏئي ٿو ته اهي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن. استاد کي گھرجي ته پنهنجي شاگردن جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌي ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. اهڙي ئي ڳالهه ڪارل مارڪس به ڪئي هئي ته جيڪي سيکارين ٿا، انهن کي به سکڻ جي ضرورت آهي. استاد کي اها ڳالهه سمجهڻ گھرجي ته سکيا ڏيڻ اصل ۾ سکڻ جو هڪڙو مرحلو آهي. اهو اهڙو عمل آهي جيڪو گڏيل طور تي جاري رکڻو آهي. استاد ۽ شاگرد کي گڏجي سکڻو آهي الڳ الڳ يا هڪ طرفو بڻجي نه. اسان ٻِي هڪڙي شي سدائين وساري ويهندا آهيون جيڪا آهي استاد جو پنهنجي شاگردن سان پيار ۽ شفقت. استاد کي جيڪڏهن پنهنجا شاگرد پيارا ناهن ته هُو انهن جي ذهانت وڌائڻ ۽ ڪردار سازي توڙي سکيا جي سلسلي ۾ سندن ڪا به مدد نه ڪري سگهندو. جڏهن ته اسان وٽ حالت اها آهي ته استاد جو شاگردن سان پيار ته ٺهيو عزت ۽ اهميت جو تصور به ڌنڌلو بڻجندو پيو وڃي. استاد پنهنجي شاگردن کي ابا، پٽ ته ٺهيو ڇوڪرا ڪري سڏڻ به ضروري نه ٿو سمجهي. اهو کين ڇورا ڪري ڪوٺيندو ۽ جيڪڏهن استادياڻي پنهنجي شاگردياڻيءَ کي سڏيندي تڏهن به ڇوري ڪوٺيندي آهي. ان جو ان سان ڪو لاڳاپو ئي ڪونه هوندو آهي ته ائين ڪرڻ سان ان ٻار جي زندگي ۽ نفسيات تي ڪهڙو اثر پوندو. اڪثر استاد ٻارن کي گاريون ڏيڻ، سندن بيعزتي ڪرڻ کين تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ ذليل ڪرڻ پنهنجو حق سمجهندا آهن. آمريڪي فلسفي جان ڊيوي چيو هو ته استاد کي موسيقار ۽ پينٽر وانگر هئڻ گھرجي. جيڪي اڳ ٺهيل رستن تي هلڻ بدران پاڻ نوان رستا تخليق ڪندا آهن.