غير درجه بندي

هڪ سرڪاري ڪاموري جو ڳالهايل سچ

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

جيئن وزير اعظم عمران خان کي سندس بي شمار وعدي خلافين سبب عام ماڻهن به يوٽرن خان سڏڻ شروع ڪيو آهي، تيئن هاڻي اهو پيو ڏسجي ته جڏهن به عمران خان جو اھو بيان ڇپجي ٿو ته وزيراعظم ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي جو نوٽيس ورتو آهي ته ماڻهو دعا پنڻ لڳن ٿا ته “يا الله، خير”. مطلب ته مھانگائي گھٽجڻ بدران اڃا به وڌندي ۽ جبل چوٽ چڙهي غريب عوام جي اڳ ۾ ئي چٻي ٿيل چيلھه کي مروٽو ڏيئي کين وڌيڪ مردار ڪري ڇڏيندي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ھاڻي ھن ملڪ جا اڻپڙهيل مسڪين ماڻهو به آمريڪي سامراج جي رت چوسيندڙ اداري آ ايم ايف کي سمجهي ويا آهن، جيڪو ھر ڀيري پاڪستان لاءِ نئون قرض منظور ڪرڻ مھل گڏوگڏ اھڙيون ته سخت عوام دشمن شرطون مڙھيو ڇڏي، جن سان سرمائيداري سرشتي کي آڪسيجن ملندي رھي ٿي. غريب ويتر غريب ۽ امير ماڻهو وڌيڪ دولتمند ٿيو وڃن. ڪمال اھو آھي ته جنرل ضياءَ جي دور کان وٺي ڊاڪٽر محبوب الحق نالي عالمي بئنڪ جو مئنيجر ۽ ھڪڙو آمريڪي شهري پاڪستان جو ريڊي ميڊ وزير خزانه بڻجي اوچتو نازل ٿيو جنهن کي ان وقت اسان جي ملڪ جي خلق سڃاڻندي به نه هئي. شڪر جو غير جماعتي چونڊن ذريعي محمد خان جوڻيجي جھڙي انسان دوست ۽ ايماندار ماڻهو ملڪ جو وزيراعظم ٿيڻ شرط ڊاڪٽر محبوب الحق کان خزاني جي وزارت کسي، ملتان جي سرائيڪي اڳواڻ محمد ياسين وٽو کي سندس جاءِ تي فنانس منسٽر مقرر ڪري ڇڏيو. انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي آمريڪي آقائن کي چڙ ته ڏاڍي لڳي پر جيئن ته جوڻيجو مرحوم جي حڪومت اڃا بنھه نئين نڪور ھئي ۽ کيس وزير اعظم چونڊائڻ جو الھام به جنرل ضياءَ کي استخاري (چلو ڪاٽڻ) جي ڪري مليو ھو، تنهنڪري زھر جو ڍڪ ڀري الٽي ڪري وات مان ڪڍي ڇڏيائين. پوءِ جوڻيجي صاحب جي اڻوڻندڙ ڪارنامن کي ڏسندو رهيو.
وزير اعظم محمد خان جوڻيجي مرحوم اقتدار جي واڳ سنڀالڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين ته غير سياسي وزيرن ۽ مشيرن کي ھٽائڻ شروع ڪيو جن ۾ صدر جنرل ضياالحق جا ويجھا ساٿي جنرل مجيب، سلمان فاروقي، ڊاڪٽر محبوب الحق ۽ ٻيا گهڻا شامل ھئا، ڪن جا نالا مون کي وسري ويا آهن. مقصد ته جوڻيجو صاحب آ ايم ايف جي ڪابه ڪاڻ نه ڪڍندو ھو. ڏٺوسين ته جماعتي بنيادن تي ٿيل 1988ع وارين عام چونڊن ۾ سڀ کان گھڻيون سيٽون کٽيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چونڊيل وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبه وي اي جعفري نالي آ ايم ايف جي ئي نمائندي کي پنهنجو خزاني وارو مشير مقرر ڪيو ۽ جنرل ضياءَ جي پرڏيهي وزير صاحبزادہ يعقوب کي آمريڪي صدر جارج بش سان ڪيل وچن پورو ڪرڻ خاطر پرڏيهي وزير مقرر ڪيائين.
ھي ٻيئي ڄڻا اڻ چونڊيل ھئا، تنھنڪري ٽن مهينن اندر کين سينيٽر جي سيٽ تي کٽائي کين باقاعدي وفاقي وزير جو عهدو ڏنو ويو. جيئن اڄڪلهه عمران خان به زرداري جي وزير خزانه شوڪت ترين کي سينيٽر ٺاهڻ لاءِ سينيٽ جي ميمبر ايوب آفريديءَ کان استعيفا ڏياري سيٽ خالي ڪرائي آهي. ياد رکو ته عمران خان حڪومت جو اڳوڻو وزير خزانه حفيظ شيخ توڙي ھاڻوڪو وزير شوڪت ترين صدر آصف علي زرداريءَ کي به آ ايم ايف طرفان سوکڙيءَ طور مليا ھئا. جيڪو به حڪمران سامراجي ادارن جو محتاج ٿيندو آهي، ان جي حڪومت کي ورلڊ بينڪ توڙي آ ايم ايف وارا اھڙو ته سوڙھو ڪندا آهن جو ھڪ پاسي حڪومت ڪندڙن کي عوام جي نظرن ۾ خوار ٿيڻو پوندو آهي ته ٻئي پاسي ڪروڙين وطن واسي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مھانگائي جي ڪري حاڪمن کي جھوليون کڻي پٽون پاراتا ڏيندا آهن.
ھاڻي اچون ٿا وڪيل برادريءَ جي نامياري بلوچ اڳواڻ علي احمد ڪرد جي پاڪستان جي عدالتي نظام خلاف چيف جسٽس گلزار احمد جي روبرو ڪيل دانھن تي جن ۾ ھن صاف صاف لفظن ۾ چئي ڇڏيو ته عدالتون ھرگز آزاد نه آهن ۽ ريموٽ ڪنٽرول ذريعي فيصلا ڪيا ويندا آهن. جيتوڻيڪ لاھور ۾ ٿيل عاصمه جهانگير ميموريل گڏجاڻيءَ ۾ اياز لطيف پليجي، منظور پشتين ۽ منزہ پڻ شاندار ۽ جاندار طريقي سان عدالتي سرشتي جي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين خلاف ڳالهايو پر وڪيل اڳواڻ علي احمد ڪرد جي تقرير جو انداز بيان ۽ تاريخي دليل اھڙا ته سگھارا ھئا جو چيف جسٽس کي به ڪونه وڻيا. جواب ۾ گلزار احمد صاحب جيڪا به صفائي پيش ڪئي، ان کي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي رڪارڊ ڪيل آڊيو ۽ ويڊيو ڌوئي ڇڏيو.
ان کان اڳ جو علي احمد ڪرد جي تڪراري تقرير تي ٽيڪا ٽپڻي ڪجي، ان کان اڳ ۾ پاڪستان حڪومت جي وفاقي سيڪريٽري وارو مرتبو رکندڙ ھڪ سچار 21ھين گريڊ جي آفيسر حماد شميمي جو سوشل ميڊيا تي لکيل ھڪڙو اھڙو سچ ٻڌائڻ چاهيان ٿو، جنهن عمران خان جي حڪومت سان گڏ اسلام آباد جي سڄي بيوروڪريسي ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي. ھن آفيسر ٽوئيٽر تي مون وانگر سانجهيءَ ٽاڻي سچ لکي ڇڏيو آھي ته موجوده سرڪار افغانستان جي طالبان واري پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. معنى ته ميڊيا تي بندش، آزاد راءِ جي اظهار تي پابندي، صحافين کي اذيتون ڏيڻ ۽ مديني جي رياست بھاني عورتن کي ٽي وي چئنلز تي ۽ خاص ڪري ڊرامن ۾ روڪڻ جھڙن فيصلن جو انومان ظاهر ڪرڻ آهي. جيتوڻيڪ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ سينيئر سطح تي ويٺل حماد شميمي نالي ھن ڪاموري ھيئن وضاحت نه ڪئي آهي پر پاڻ سمجهي سگهون ٿا ته عمران خان جي بي تاج بادشاهيءَ کي طالبان سان ڀيٽي ھن سڄي دنيا جي مھذب ملڪن کي ھڪڙو سچو پيغام پهچائي ڇڏيو آھي ته ھي حڪمران نه رڳو افغانستان جي طالبان جا ھڏ ڏوکي آهن پر پاڪستان کي به رياست مدينه جي اوٽ ۾ ڪٽرپڻي ڏانهن پيا گھلين. سو هنن کان هٽو ۽ بچو.
حماد صاحب جي انھيءَ لکڻيءَ اسلام آباد کان راولپنڊي تائين حاڪمن جي محلاتن کي علي احمد ڪرد جي تقرير کان وڏو ڌوڏو ڏيئي ڇڏيو آهي.
حماد لکيو ته پاڪستان جا حڪمران به طالبان واري پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهن. تنهن تي وزير اعظم عمران خان حڪم جاري ڪيو ته هن سينيئر موسٽ بيوروڪريٽ خلاف ايف آ اي جو سربراهه ثناءُالله عباسي پاڻ جاچ ڪري ته ھي ھمراهه ڪٿي پرڏيهي ايجنسين جو پگھاردار ته ناهي. وزير اعظم پاران لکت ۾ جاري ڪيل انھيءَ آرڊر ۾ تحقيق ڪندڙ اداري کي چيو ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي ڪئبنيٽ سيڪريٽريٽ ۾ مقرر ڪيل ھن آفيسر سوشل ميڊيا تي اسان جي حڪومت مٿان تنقيد ڪندي افغانستان جي طالبان سان تحريڪ انصاف جي سرڪار جي مشابهت (ھڪ جھڙائي) ڄاڻائي لکيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا حڪمران ساڳي سوچ ٿا رکن ۽ سندن اميد ۽ مستقبل جو محور ۽ مرڪز ھڪڙو ئي آھي. کيس اسٽيبلشمينٽ ڊويزن چارج شيٽ به ڏني آهي ته اوهان گورنمينٽ سرونٽس ايڪٽ 1964 جي سيڪشن 22 جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، تنهنڪري ڇو نه Misconduct جي الزام هيٺ اوهان جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
ايف آ اي جي ڊائريڪٽر جنرل ثناءُ الله عباسي کي ھڪ ھفتي اندر جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ ٻن مهينن ۾ حماد شميمي خلاف باقاعدي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم عمران خان پاڻ ڏنو آهي.
هاڻي اوهين وزيراعظم جي ڏڪڻي جو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ھو جڏھن مخالف ڌر ۾ ھو ته اظھار جي آزاديءَ لاءِ ڪيڏو نه ڦٿڪندو ھو ۽ ھاڻي پاور ۾ اچڻ کانپوءِ ڪنھن به شهري کي پنهنجي من اندر جي ڳالهه ڪرڻ نٿو ڏئي!
آخر ۾ آئون وڪيلن جي دلير ۽ سچار اڳواڻ علي احمد ڪرد جي تقرير کي ساراهيندي اھا حقيقت به واضح ڪري ڇڏيان ته قومي عوامي تحريڪ جي سرواڻ اياز لطيف پليجي عاصمه جهانگير ميموريل گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ جو ڪيس شاندار لفظن ۾ پيش ڪيو جنهن لاءِ ھو جس لهڻي. ظاھر آھي ته اياز لطيف پليجي سنڌ جي ماڻهن جو ڪيس دنيا اڳيان پيش ڪري پنهنجو قومي فرض نڀايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button