غير درجه بندي

قرض تي هلندڙ ملڪي معيشت

Editorial

پي ٽي آ حڪومت پهرين ڏينهن کان وٺي جيڪي ڪهاڻيون عوام کي ٻڌائي رهي آهي، ان تان عوام جو ويساهه هاڻي کڄي ويو آهي. حڪومت پنهنجي ڪابه ڪوتاهي قبولڻ لا تيار ناهي. هن وقت تائين حڪومت جا جيڪي به اسڪينڊل سامهون آيا آهن، انهن جي ذميوار حڪومت پاڻ کي نٿي سمجهي بلڪه اها اڄ به اهو راڳ آلاپيندي رهي ٿي ته ملڪ ۾ جيڪا به برائي يا بڇڙائي آهي، سا اڳوڻين حڪومتن جي ڪري آهي. خاص طور تي نواز شريف جي حڪومت جي ڪري ملڪ ۾ جيڪا معاشي تباهي ٿي آهي يا وري ادارن جي حالت ٿي آهي، ان جي ذميوار هاڻوڪي حڪومت بلڪل به ناهي. ملڪ ۾ هن وقت معاشي بدحالي جو دور آهي. هڪ اهڙي بدحالي جنهن کي بهتر ڪرڻ لا حڪومت ڪجهه به ڪرڻ لا تيار ناهي. جنهن جي ڪري نه رڳو عام ماڻهو پريشان لڳو پيو آهي پر ملڪي معيشت جو مستقبل به غيريقيني بڻجي ويو آهي. سڄي ملڪ کي آ ايم ايف حوالي ڪيو ويو آهي. وزير اعظم عمران خان به پنهنجي بيوسي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته ملڪ کي قرض بنا نٿا هلائي سگهون.
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان وٽ ايترو پئسو ناهي جو ملڪ هلائي سگهون. ايف بي آر جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومتن کي تنقيد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته اسان جو وڏو مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ ملڪ هلائڻ لا پئسا ناهن، ملڪ هلائڻ لا اسان کي قرض وٺڻو پوي ٿو، جڏهن ته اشرافيا ملڪ ۾ ڪڏهن به ٽيڪس ڪليڪشن سسٽم مضبوط ٿيڻ نه ڏنو. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ٽيڪس ڪلچر ٺهيو ئي نه، ٽيڪس چوري ڪرڻ کي ماڻهو برو سمجهندا ئي ناهن. هن چيو ته قرضي ملڪ جي وزيراعظم دورن تي ڏهوڻ تي وڌيڪ خرچ ڪيو، حڪمران کي ٽيڪس جو پئسو خرچ ڪرڻ جو احساس نه ٿيندو ته ماڻهو ٽيڪس نه ڏيندا، ملڪ جو استحڪام دا تي لڳايو ويو، ضروري آهي ته ٽيڪس ڪليڪشن وڌي. سندس چوڻ هو ته اشرافيا شاهاڻي زندگي ختم ڪندي ته ماڻهن جو حڪومت تي اعتماد وڌندو، اسان وٽ ايترو پئسو ناهي جو ملڪ هلائي سگهون، قرض وٺڻو پوندو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي 30 ٽريلين جو قرضي بڻائيندڙن کي سزائون ملڻ گهرجن. 10 سالن ۾ ايڏو قرض وٺڻ باوجود ڊيم ٺهيا نه ڪو وڏو ڪم ٿيو، ملڪ ۽ عوام جي خوشحالي ٽيڪس ڏيڻ ۾ آهي، اسان جو هدف 6 هزار ارب رپين جو روينيو گڏ ڪرڻ آهي. عمران خان چيو ته ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٽيڪس وصولين ۾ واڌ ٿيندي، ايف بي آر جو ٽيڪس وصولين ۾ وڏو ڪردار آهي. عمران خان صاحب کي عرض ڪندا هلون ته جنهن اشرافيا جي هو ڳالهه ڪري رهيو آهي، سا هن وقت سندس ڪابينه ۾ شامل آهي. ان کانسوا اهي وزير مشير ڪيترو ٽيڪس ڀرين ٿا، انهن جا انگ اکر به ايندا رهندا آهن. ٽيڪسن جو سڄو بار رڳو عوام تي وجهڻ سان ملڪ جو روينيو بهتر نه ٿي ويندو پر ان سان اڃا به مسئلا وڌندا رهندا. ان کانسوا هاڻ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ اقتدار ۾ نه رهيون آهن. ان ڪري انهن جي پچر ڇڏي عمران خان ۽ سندس ٽيم کي پنهنجي ٻل تي ڪجهه ڪري ڏيکارڻو پوندو. عوام هاڻ اهو نٿو ٻڌڻ چاهي ته حڪومت ڪنهن کي اين آر او ڏئي ٿي يا نٿي ڏئي. پر عوام اهو ٿو ڏسڻ چاهي ته حڪومت ان کي ڪهڙو رليف ڏئي رهي آهي ۽ مهانگائي ڪيئن گهٽ ٿيندي.
اسين سمجهون ٿا ته هي حڪومت عوامي معاملن ۾ ڪابه دلچسپي نٿي وٺي، ان ڪري اها وقت ڪٽڻ لا ساڳيون ڳالهيون پئي ڪندي اچي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪي معيشت کي قرض تي هلائڻ بدران حڪمران طبقي کان ٽيڪس اڳاڙي ڪئي وڃي. ان عمل جي شروعات وزير اعظم عمران خان پنهنجو پاڻ کان ڪري ته بهتر ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button