عالمي

ملائيشيا ۾ ٻيڙي ٻڏي وڃڻ سبب 18 ڄڻا فوت ٿي ويا

ڪوالالمپور : ملائيشيا ۾ ٻيڙي ٻڏي وڃڻ سبب 18 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ملائيشيا جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته ٻيڙي ٻڏڻ جو حادثو تينجنگ بلاءُ جي سامونڊي علائقي ۾ پيش آيو. حادثي جو شڪار ٻيڙي ۾ 50 غير قانوني مهاجر سوار هئا، ٻڏي ويل 14 ڄڻن کي بچايو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ هو ته ٻيڙي خراب موسم سبب ٻڏي وئي، ٻڏي ويلن جي ڳولا جاري آهي. ريسڪيو آپريشن ۾ 133 اهلڪار حصو وٺي رهيا آهن. تيز هوائون ۽ تيز برساتون آپريشن ۾ رنڊڪ جو سبب بڻجي رهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button