عالمي

افغانستان ۾ عورتون روڊن تي نڪري آيون،طالبان خلاف مارچ

ڪابل:افغانستان ۾ عورتون طالبان جي خلاف ميدان تي نڪري آيون آهن، ڪالهه ڪابل ۾ اڳوڻن فوجين جي پراسرار قتل خلاف عورتن طالبان خلاف روڊن تي نڪري احتجاج ڪيو. هنن قتل جو الزام حڪمران طالبان تي هڻندي سندن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورتن جو چوڻ هو ته اسان انساني حق ۽ انصاف چاهيون ٿا. اسان پنهنجن انساني ۽ بنيادي حقن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا. اسان دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته طالبان کي قتل عام کان روڪين، اسان انصاف ۽ تدارڪ چاهيون ٿا. پرڏيهي نيوز ايجنسي اي ايف سي موجب ڪابل ۾ مسجد ويجهو 30 عورتون گڏ ٿيون ۽ طالبان خلاف مارچ ڪندي نعرا هنيا، ان دوران طالبان کين روڪي ورتو. سوشل ميڊيا مطابق طالبان فورسز صحافين کي پڻ ڪوريج کان روڪيو، فورسز ڪئميرا مينز کان ڪئميرائو کسي ورتيون ۽ ڪجهه وقت لا کين روڪي تصويرون ڊليٽ ڪرائي ڇڏيون. ياد رهي ته افغانستان ۾ طالبان راڄ اچڻ کانپو لاڳيتو احتجاج ڪرڻ تي پابندي مڙهيل آهي ۽ ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙن کي روڪيو ويندو رهيو آهي ۽ احتجاج ۾ مداخلت ڪئي ويندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button