عالمي

طالبان طرفان ڦاهيون ڏيڻ ۽ هٿ ڪٽڻ جون سزائون برقرار رکڻ جو اعلان

ڪابل: طالبان جي وزارت ۾ جيلن جو کاتو سنڀاليندڙ ملا نورالدين ترابي چيو آهي ته هٿ ڪٽڻ ۽ ڦاسيون ڏيڻ جو دور موٽي ايندو.

هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان پنهنجو قانون اسلامي شريعت مطابق جوڙينداسين، اسان ڪنهن جي معاملن ۽ قانونن تي نٿا ڳالهايون، ته ٻيا به اسان جي قانونن تي نه ڳالهائين.

هن چيو ته افغانستان ۾ سخت سزائن جو دور موٽي ايندو، ها البته اهو ٿي سگهي ٿو ته هن ڀيري ڦاسي ۽ هٿ ڪٽڻ واريون سزائون سرعام نه ڏنيون وڃن. هن اهو واضح ڪيو ته جيڪڏهن سرعام سزائون ڏنيون ويون ته وڊيو ڀرڻ ۽ تصويرون ڪڍڻ جي اجازت هوندي.

هن واضح ڪيو ته اسان ڪنهن ٻئي ملڪ جي معاملن ۽ قانونن ۽ انهن تي عملدرآمد جي طريقن ۾ مداخلت نٿا ڪريون، ان ڪري دنيا کي اسان جي معاملن ۾ پڻ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button