
جاپان ۾ فرائي ڪرڻ بعد ريسٽورينٽ ۾ هڪ گراهڪ آڏو کائڻ جي حوالي سان پليٽ ۾ رکيل مڇي جيئري ٿي پئي، جنهن تي گراهڪ ڇرڪ ڀري حيران ٿي ويو. ميڊيا مطابق جاپاني شهر ٽوڪيو ۾ هڪ گراهڪ آڏو نوڊلز ۽ سلاد سان گڏ فرائي ڪيل مڇي کي پليٽ ۾ رکي گراهڪ آڏو پيش ڪيو ويو، پر گراهڪ کان ان وقت ڇرڪ نڪري ويو، جڏهن اها مڇي اوچتو جيئري ٿي پئي ۽ مڇي منهن کولي چوپ اسٽڪ کي چوسي ورتو. ٻڌايو وڃي ٿو تھ مڇي کي ريسٽورينٽ جي بورچي مڪمل پچايو نھ هو، جنهن سبب اها جيئري ٿي پئي.