عالمي

ڪشميري صحافڻ ثنا ارشاد پلٽرز پرائيز پنهنجي نالي ڪري ورتو

لنڊن: ڪشمير جي 28 ورهين جي فوٽو جرنلسٽ ثنا ارشاد مٽو با وقار پلٽزر پرائز کٽيندڙ پهرين ڪشميري عورت صحافي بڻجي وئي آهي. اهو ايوارڊ کيس روئٽرز ٽيم جي پنهنجي ٽن ٻين ساٿين سان شيئر ڪرڻو آهي. انعامن جو اعلان آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي ڪيو آهي. ڪشميري صحافين کي ان کان اڳ به اهڙي اعزاز سان نوازيو ويو آهي پر ثنا مٽو پهرين ڪشميري عورت آهي، جن کي اهو انعام مليو آهي. ان کان اڳ ڄمون ۽ ڪشمير جي ٽن فوٽو صحافين کي ڪشمير ماٿري ۾ زندگي جي حيرت انگريز تصويرن لاءِ 2020ع جي پلٽزر پرائز سان نوازيو ويو هو. هن سال ڀارت جي دانش صديقي، عدنان عابدي، اميت ديو ۽ ثنا ارشاد مٽو کي فيچر فوٽو گرافي جي زمري ۾ ان اعزاز سان نوازيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button