عالمي

ترڪيا ۾ 6 ڏهائي هڪ جي شدت جو زلزلو،50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي

ترڪيا ۾ 6 ڏهائي هڪ جي شدت سان آيل زلزلي سبب 50 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق ترڪيا جي شهر استنبول سميت اوڀر وارن علائقن ۾ اربع تي صبح جو 4 لڳي 8 منٽن تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 1 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز ڊوزي صوبي جي ضلع گولياڪا ۾ 10 ڪلوميٽر گهرائي ۾ هو. زلزلي سبب وڏي جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آهن. جڏهن ته زلزلي کان پوءِ هن وقت تائين 70 آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button