
برطانوي ميٽ آفيس جي سائنسي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته 2023ع ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گرمي ٿيندي، اسان جو گرهه ايل نينو لہر جو شڪار ٿيندو. ماهرن موجب ايل نينو هڪ موسمياتي رجحان آهي جنهن جي ڪري پئسفڪ سمنڊ جو گهڻو حصو معمول کان وڌيڪ گرم ٿي وڃي ٿو ۽ ڌرتيءَ جي مجموعي گرمي پد ۾ به واڌ ٿئي ٿي. سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته ايل نينو 2023ع ۾ ڪنهن به وقت واپس اچي ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ عالمي موسمياتي شدت ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان ڳالهه جو وڌيڪ امڪان آهي ته عالمي گرمي پد هڪ ڏهائي 5 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي ويندو. ياد رهي ته 2016ع هن وقت تائين دنيا جو سڀ کان گرم سال رهيو آهي.