عالمي

جهاز ۾ دري جي سيٽ تان عورتون وڙهي پيو، ٿڦڙن ۽ لتن جو وسڪارو، وار بھ پٽيا

برازيل ۾ هڪ هوائي اڏام دوران عورتن ۾ ان وقت جهيڙو ٿي پيو، جڏهن انهن هڪٻئي کي ڌڪا ڏيندي دري واري سيٽ والارڻ جي ڪوشش ڪئي. ميڊيا مطابق هوائي جهاز ۾ سوار عورتن دري واري سيٽ تي ويهڻ تي بحث ڪندي هڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو. جڏهن تھ عورتن کي هڪٻئي جا وار پٽي انتهائي خراب حالت پڻ ڪري ڇڏي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي تھ جهاز ۾ عورتن جهيڙي دوران گارين ۽ نامناسب لفظن جو پڻ استعمال ڪيو آهي. هوڏانهن عورتن جي جهيڙي سبب فلائيٽ 2 ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي وئي. عملي جي ماڻهو ٻڌايو تھ جهيڙو ڪندڙ عورتن کي آف لوڊ ڪري اڏان رواني ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button