تاج برطانيا جي بادشاهه چارلس جي تاريخي تاجپوشي واري تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ شاهي خاندان وٽ ناپسند طور سڃاڻپ رکندڙ پٽ هيري ۽ پٽ جي زال ميگهن مرڪل کي بھ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي. رسالي سنڊي ٽائيمز پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي تھ اڃا تائين ان ڳالهه جي پڪ ناهي ٿي سگهي تھ شهزادو هيري ۽ سندس زال ميگهن مرڪل بادشاهه چارلس جي تاجپوشي واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا يا شريڪ نھ ٿيندا. هوڏانهن بڪنگهم محل ان ڏس ۾ ڪو تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي تھ بادشاهه جي تاجپوشي جي رسم 6 مئي تي ويسٽ منسٽر ايبي ۾ اهڙي ئي ريت منعقد ڪئي ويندي، جهڙي نموني سان هڪ هزار سالن کان ٿيندي رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close