عالمي

آمريڪي ۽ چيني صدرن جي ٽن ڪلاڪن تائين ورچوئل ملاقات

بيجينگ: آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ چيني صدر شي جن پنگ جي وچ ۾ ٽن ڪلاڪن تائين ورچوئل ملاقات ٿي جنهن ۾ آمريڪي صدر چين تي انساني حقن بابت معاملن جي حوالي سان دٻا وڌو، جڏهن ته شي جن پنگ واشنگٽن کي خبردار ڪيو ته چين تائيوان جي معاملي تي چڙ ڏيارڻ جو جواب ڏيندو. چيني صدر چيو ته آمريڪا ۾ ڪجهه ماڻهو چين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ تائيوان کي استعمال ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، اهو رجحان تمام خطرناڪ ۽ باهه سان کيڏڻ جي برابر آهي، چين آمريڪا واپاري معاملن کي سياسي نه بڻائڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button