عالمي

آسٽريليا ۾ ڳاڙهن کيکڙن جي ڪروڙن جي تعداد ۾ لڏپلاڻ شروع

آسٽريليا ۾ ڪرسمس ٻيٽن جي علائقي ۾ ڪجهه روڊن کي عام گاڏين جي اچ وڃ جي مد ۾ بند ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تھ انهن روڊن تان هڪ محتاط اندازي موجب 5 ڪروڙ کان مٿي ڳاڙها کيکڙا هڪ علائقي مان ٻئي هنڌ لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ اهي منفرد قسم جا ڳاڙها کيکڙا ڪرسمس جهنگ مان سمنڊ ڏانهن وڃي رهيا آهن، جن کي سندن شوخ ڳاڙهي رنگ سبب باهه جهڙا کيکڙا پڻ سڏيو ويندو آهي. هي کيکڙا گرمي وڌڻ سبب جهنگ مان نڪري سمنڊ ڏي وڃي رهيا آهن، تنهنڪري روڊ انهن کي مرڻ کان بچائڻ خاطر بند ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button