عالمي

آسٽريليا ۾ مومبر تهوار جو لباس مڇن جي وارن ۾ ٺاهيو ويو

آسٽريليا ۾ مرداڻي لباس کي تيار ڪندڙ هڪ مشهور ڪمپني مرد جي مڇن جي وارن مان انوکو لباس تيار ڪري ورتو آهي، جنهن جو هڪ ڪوٽ نمائش ۾ پڻ رکيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ مومبر جو عالمي تهوار هر سال نومبر ۾ ملهايو ويندو آهي. تهوار ۾ مرد کي مڇون وڌائڻ تي همٿايو ويندو آهي ۽ ان سان گڏ مرداڻي صحت توڙي بيمارين بابت آگاهي بھ ڏني ويندي آهي. وزيوئل آرٽسٽ پاميلا ڪليمن کان اهو لباس تيار ڪرڻ ۾ سهڪار ورتو پيو وڃي، جيڪا اهڙو ڪپڙو تيار ڪري رهي آهي، جيڪو سڄي جو سڄو مرد جي مڇن مان آهي. هن رٿا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ۽ سيلون وارن مڇن جا وار فراهم ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button