عالمي

سائي رنگ جي اکين واري افغان عورت شربت گلا کي اٽلي ۾ پناهه ملي وئي

ڪارين ۽ ڀورين بدران سائي رنگ جي تيز ترار جهڙين  اکين واري افغان عورت شربت گلا کي اٽلي جي حڪومت پناهه ڏئي ڇڏي آهي. سرڪاري طور جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ شربت گلا کي اٽلي ۾ معمول واري زندگي گذارڻ جي مد ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. اٽلي جي سرڪار جو چوڻ آهي تھ افغانستان ۾ جنگ ۾ تباهه ٿي ويل افغانن جي نمائندگي شربت گلا ڪري ٿي ۽ سڄي دنيا افغانستان جي ماڻهن جي تباهي کي شربت گلا جي صورت ۾ ڏٺو آهي. شربت گلا جي تصوير 1984ع ۾ جيوگرافڪ رسالي جي ٽائيٽل تي ڇپجڻ بعد ان کي سندس سائي رنگ جي اکين سبب شهرت ملي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button