باهو کوسو ۾ ڳوٺاڻن زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ بلاول کوسو جي رهواسين قطب کوسو، الهڏنو کوسو، محبوب کوسو، عبدالرزاق کوسو، حبيب الله، محمد خان کوسو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته اسان جي زرعي زمين تي بنا جواز بااثر وڏيري بهادر علي کوسي ۽ سندس ڀائرن قبضو ڪيو آھي، واقعي جو ڪيس باهو کوسو ٿاڻي تي داخل آهي پر پوليس ڪا ڪارروائي ڪرڻ لا تيار ناهي. ايس ايس پي جيڪب آباد نوٽيس وٺي اسان جي زمين تي قبضو ختم ڪرائي انصاف ڏياري ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close