چانڊڪا اسپتال ۾ شگر جي مرض جي علاج لا پئسا نه ڏيڻ تان زال مڙس کي چپل سان ڪٽڪو ڪڍيو. سي سي ٽي وي ۾ فوٽيج ۾ آساني سان ڏسي سگهجي ٿو ته چانڊڪا اسپتال ۾ علاج لا آيل زال مڙس پئسا نه هجڻ تي اسپتال کان ٻاهر نڪتا ته ٻنهي ۾ منهن ماري ٿي جنهن بعد مڙس زال کي چنبو وهائي ڪڍيو، جنهن بعد زال چپل هٿ ۾ کڻي مڙس مٿان چپلن جو وسڪارو لاهي ڏنو، جڏهن ته مڙس ماڻهن جو هجوم گڏ ٿيڻ کان لڪڻ ۽ زال جي وڌيڪ پادرن کائڻ کان بچڻ جي ڪوشش ۾ رڪشا ۾ ويهي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنس وارڊ ۾ زال کي ڇڏي گهر فرار ٿي ويو. هوڏانهن معلوم ڪرڻ تي اسپتال انتظاميا ٻڌايو ته لاڙڪاڻي واسي زال مڙس شگر جي مرض جي علاج لا اسپتال آيا پر گيٽ وٽ ئي پئسن جو ذڪر ڪندي پاڻ ۾ اٽڪي پيا ۽ علاج ڪرائڻ بنا ئي وڙهي اسپتال مان واپس هليا ويا. جڏهن ته اسپتال رڪارڊ ۾ سندن نالو درج نه هجڻ ڪري سڃاڻپ نه ٿي سگهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close