چيلهار: چيلهار ۾ عورت ڪويتا پنهنجي پي ماڌو ڪولهي سان گڏ مڙس جي ظلمن خلاف صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. هن چيو ته منهنجو مڙس گينو پٽ پارو ڪولهي مون تي مسلسل تشدد ڪندو رهندو آهي ۽ مائٽن پاران ڏاج ۾ ڏنل سونا زيور ۽ چوپايو مال وڪرو ڪيو، هاڻ تشدد ڪري مائٽن کان پئسا وٺڻ لا زور ڀريندو آهي، مڙس پاران گهران ڪڍڻ بعد وڏي عرصي کان مائٽن جي گهر رهان پئي، هاڻ مڙس مون کي ۽ منهنجي مائٽن کي فون تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. ڪويتا ٿر پوليس کان مطالبو ڪيو ته مڙس گينو ڪولهي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close