
حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ شاگردياڻي مٿي ۾ گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. خبر موجب حيدرآباد جي نسيم نگر چيڪ پوسٽ جي حد ۾ ڳوٺ منٺار شورو ۾ 17 ورهين جي شاگردياڻي سونيا ڌي حاجي احمد رستماڻي گهر ۾ پي جي لائسنس وري پسٽل سان مٿي ۾ پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس کي وارثن ٻڌايو ته سندن ڇوڪري ڀا سان ناراضگي بعد گهر ۾ پيل پسٽل سان پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪيو آهي.