ماتلي (ن، سنڌ ايڪسپريس) ماتلي ٽنڊو غلام علي روڊ تي مير گارڊن وٽ تيز رفتار ڪار ڀرسان پيل ڪاٺين سان ٽڪرائٔجي ڪلٽي ٿي پئٔي، جنهن جي نتيجي ۾ 38 ورھين جو سجاد کوسو فوت ٿي ويو، جڏھن ته وڪرم ۽ وزيريو ڪولھي زخمي ٿي پيا. فوتي جي لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئٔي. ٻئي طرف قانوني ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close
-
شهيد بينظير لاءِ سالگرهه تي تحفو21-06-2023
-
پنجاب کان چترال تائين عوامي ڪاوڙ ڇو؟14-05-2023