ٽيڪساس : آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ هڪ شخص يهودي عبادتگاهه ۾ گھڙي راهب سميت 4 ڄڻن کي يرغمال بڻائيندڙ شخص مارجي ويو. آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته سيڪيورٽي اهلڪارن يهودي عبادتگاهه ۾ ماڻهن کي يرغمال بڻائيندڙ شخص کي فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب بيت اسرائيل نالي عبادت گاهه ۾ ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ جو واقعو ڪولي وائل (Colleyville) ۾ پيش آيو آهي پر اهو واضح ناهي ٿي سگھيو ته يرغمال بڻائيندڙ شخص هٿياربند هو يا نه. واقعو ان وقت پيش آيو آهي جڏهن معبد ۾ عبادت جو سلسلو جاري هو ۽ ان کي سڌي ريت نشر ڪيو پيو وڃي پر ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ وارو منظر سامهون ايندي ئي نشريات کي روڪيو ويو. ٽيڪساس جي گورنر موجب هڪ شخص يهود عبادت گاهه ۾ راهب سميت 4 ڄڻن کي يرغمال بڻايو، صورتحال تي آمريڪي صدر جو بائيڊن کي به بريفنگ ڏني وئي. جڏهن ته آمريڪا جي سرڪاري نشرياتي اداري سي اين اين جاچ ڪندڙن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته شڪي شخص امڪاني طور تي عافيا صديقي کي آزادي ڏيڻ جا خيال رکي پيو. واضح رهي ته عافيا صديقي آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جي ئي جيل ۾ 86 ورهين جي قيد ڪاٽي رهي آهي، هن تي آمريڪين تي حملي جي ڪوشش جو الزام آهي. ٻئي پاسي برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته يرغمال بڻائيندڙ شخص کي اهو چوندي ٻڌو ويو آهي ته اوهان منهنجي ڀيڻ کي ٽيليفون ڪيو، آئون مرڻ وارو آهيان، ان شخص کي اهو به چوندا ٻڌو ويو ته آمريڪا ۾ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي. جوابدار کي اهو چوندي ٻڌڻ جي دعويٰ به ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص عمارت ۾ داخل ٿيو ته سڀ مرندا، اوهان کي ڪجهه ڪرڻو پوندو، آئون ان کي مرندي نٿو ڏسي سگھان جنهن کان پوءِ نشريات بند ڪئي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close