ڪلوئي:ڪلوئي لڳ ڳوٺ ونگڙ ۾ 2006ع ۾ ٺهيل مڊل اسڪول ۾ استادن جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي، سوين شاگردن لا رڳو هڪ استاد مقرر آهي. ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن مجنون نهڙيو، مختيار نهڙيو، حليم نهڙيو ۽ ٻين چيو ته اسڪول ۾ 3 سئو کان وڌيڪ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڙهن ٿيون، پر مين تاجو پاڙهو اسڪول ۾ استادن جي سخت کوٽ آهي، جنهن سبب ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي عملدارن کي شڪايتون ڪيون آهن، پر ڪير به ٻڌڻ لا تيار ناهي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته جلد استاد مقرر ڪري ٻارن جي تعليم بچائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close